گڏيل عرب امارات جي اتحاد ايئر ويز کي سال 2025ع دوران مسافرن جي انگ ۾ 21 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ

ابوظهبي - 13 جنوري (اي پي پي)گڏيل عرب امارات جي فضائي ڪمپني اتحاد ايئر ويز ذريعي سال 2025ع دوران 22.4 ملين مسافرن سفر ڪيو جيڪا ايئر لائين جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ساليانو بنياد تي 21 سيڪڙو واڌ آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق سڄي سال لاءِ مسافر لوڊ فيڪٽر 88.3 سيڪڙو رهيو جيڪو 2024ع جي ڀيٽ ۾ 2 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ايئر لائن سال جي پڄاڻي شاندار انداز ۾ ڪئي، …

ابوظهبي – 13 جنوري (اي پي پي)گڏيل عرب امارات جي فضائي ڪمپني اتحاد ايئر ويز ذريعي سال 2025ع دوران 22.4 ملين مسافرن سفر ڪيو جيڪا ايئر لائين جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ساليانو بنياد تي 21 سيڪڙو واڌ آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق سڄي سال لاءِ مسافر لوڊ فيڪٽر 88.3 سيڪڙو رهيو جيڪو 2024ع جي ڀيٽ ۾ 2 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ايئر لائن سال جي پڄاڻي شاندار انداز ۾ ڪئي، ڊسمبر ۾ 2.2 ملين مسافرن سفر ڪيو جيڪو 2024ع جي ان مهيني جي ڀيٽ ۾ 28 سيڪڙو وڌيڪ آهي ، ان دوران مسافر لوڊ فيڪٽر87.6 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو. اتحاد ايئر ويز جو آپريٽنگ ٻيڙو 127 جهازن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ 2025ع دوران  29 نوان جهاز شامل ڪيا ويا، اها ايئر لائن جي تاريخ ۾ هڪ سال دوران ٻيڙي ۾ سڀ کان وڌيڪ واڌ آهي. اتحاد ايئر ويز جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ٻڌايو ته 2025ع ۾ ايئر لائن لاءِ ترقي جو سال ثابت ٿيو. 22 ملين کان وڌيڪ مسافرن سفر ڪيو جيڪو ايئر لائن جي تاريخ جو بلند ترين ساليانو انگ آهي. هن ٻڌايو ته هن وقت 127 جهازن تي ٻڌل تاريخ جو سڀ کان وڏو ٻيڙو اتحاد ايئر ويز کي ابوظهبي ۾ وڌيڪ مسافرن جي آجيان ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهي.

مزید خبریں