ميٽا طرفان آمريڪا ۾ ”فيسٽرا “ ڪمپني جي ٽن ايٽمي پاور پلانٽس مان بجلي خريدڪرڻ لاءِ 20 سالن جي معاهدي تي صحيحيون

 نيويارڪ _13 جنوري (اي پي پي)ميٽا ڪمپني چيو آهي ته هن مرڪزي آمريڪا ۾ ” فيسٽرا“ ڪمپني جي ٽن ايٽمي پاور پلانٽس مان بجلي خريدڪرڻ لاءِ 20 سالن جي معاهدي تي صحيحيون ڪيون آهن . پرڏيهي ميڊيا مطابق ٻنهي ڪمپنين سان منصوبن کي هٿي ڏيڻ لاءِ به معاهدا ڪيا آهن جيڪي ننڍا ماڊيولر ايٽمي ري ايڪٽرز ٺاهڻ جي اميد رکن ٿا . ميٽا ۽ ٻيون وڏيون  ٽيڪنالاجي ڪمپنيون ڊگهي مدي لاءِ …

 نيويارڪ _13 جنوري (اي پي پي)ميٽا ڪمپني چيو آهي ته هن مرڪزي آمريڪا ۾ ” فيسٽرا“ ڪمپني جي ٽن ايٽمي پاور پلانٽس مان بجلي خريدڪرڻ لاءِ 20 سالن جي معاهدي تي صحيحيون ڪيون آهن . پرڏيهي ميڊيا مطابق ٻنهي ڪمپنين سان منصوبن کي هٿي ڏيڻ لاءِ به معاهدا ڪيا آهن جيڪي ننڍا ماڊيولر ايٽمي ري ايڪٽرز ٺاهڻ جي اميد رکن ٿا . ميٽا ۽ ٻيون وڏيون  ٽيڪنالاجي ڪمپنيون ڊگهي مدي لاءِ بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن ڇو ته ڊيٽا سينٽرن ۽ مصنوعي ذهانت سبب ٻن ڏهاڪن ۾ پهريون ڀيرو آمريڪا ۾ بجلي جي طلب ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. ڪمپني پنهنجي بلاگ ۾ چيو آهي ته هوءَ اوهائيو رياست ۾ فيسٽرا ڪمپني  جي پيري ۽ ڊيوس – بيس پلانٽ ۽ رياست پنسلوينيا ۾ بيورويلي پلانٽ کان بجلي خريد ڪندي. ميٽا وڌيڪ چيو ته اها ڊيل اوهائيو جي ٻن پلانٽس جي توسيع لاءِ فنڊز جي فراهمي ۽ انهن پلانٽس جي عمر وڌائڻ ۾ مدد ڏيندي.

مزید خبریں