لنڊن جي هيٿرو ايئر پورٽ تان سال 2025ع دوران مسافرن جو انگ 8 ڪروڙ 40 لک رڪارڊ، نئين رن وي جي تعمير شروع

لنڊن _ 13 جنوري (اي پي پي ) لنڊن جي هيٿرو ايئر پورٽ تان سال 2025ع دوران 8 ڪروڙ 40 لک کان وڌيڪ مسافرن سفر ڪيو جيڪو هيستائين جو سڀ کان وڌيڪ انگ آهي. هيٿرو ايئرپورٽ تي هڪ نئين رن وي جي تعمير سميت وسيع پيماني تي توسيعي منصوبن جي شروعات به ڪئي وئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته گذريل سال دوران مجموعي طورتي …

لنڊن _ 13 جنوري (اي پي پي ) لنڊن جي هيٿرو ايئر پورٽ تان سال 2025ع دوران 8 ڪروڙ 40 لک کان وڌيڪ مسافرن سفر ڪيو جيڪو هيستائين جو سڀ کان وڌيڪ انگ آهي. هيٿرو ايئرپورٽ تي هڪ نئين رن وي جي تعمير سميت وسيع پيماني تي توسيعي منصوبن جي شروعات به ڪئي وئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته گذريل سال دوران مجموعي طورتي 8 ڪروڙ 40 لک کان وڌيڪ مسافرن  ان هوائي اڏي جو رخ ڪيو جيڪو ان جي تاريخ جي بلند ترين سطح آهي . هيٿرو سال 2024ع ۾ مسافرن جي لحاظ کان يورپ جو مصروف ترين ايئر پورٽ رهيو  هاڻي هڪ نئين رن وي تي ڪم شروع ڪري رهيو آهي جنهن جو مقصد برطانيه لاءِ واپار ۽ معاشي ترقي جو رستو کولڻ آهي. ايئر پورٽ جي چيف ايگزيڪيوٽو جو چوڻ آهي ته اها توسيع  ملڪ جي ٻين حصن ۽ دنيا سان رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندي.برطانوي حڪومت طرفان سالن جي قانوني مونجهارن بعد منطوري ملڻ تي آگسٽ ۾ ايئر پورٽ انتظاميه 49 ارب پائونڊ (66 ارب ڊالرن ) جي ڳري سيڙپڪاري جي منصوبي جي شروعات ڪئي جنهن ۾ ٽئين رن وي جي تعمير شامل آهي . ان بعد ايئر پورٽ جي سالياني گنجائش 15 ڪروڙ مسافرن تائين پهچي ويندي.يورپ ۾ اهڙي طرح جي توسيع کي هڪ غير معمولي قدم طور ڏٺو پيو وڃي ڇو ته هڪ پاسي ڪيترن ملڪن گرين هائوس گيسن جي اخراج کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهن ته ٻئي پاسي ڪووڊ جي دور بعد هوائي سفر جي وڌندڙ گهرج کي پورو ڪرڻ به هڪ اسٽريٽجڪ ضرورت بڻجي چڪي آهي. ان منصوبي تحت رن وي تي 21 ارب پائونڊ لاڳت ايندي ۽ اميد آهي ته هتان کان اڏامون هڪ سال اندر  اڏام ڀرڻ شروع ڪنديون جڏهن ته باقي نجي سيڙپڪاري ايئر پورٽ کي جديد بڻائڻ ۽ ٻين سهولتن جي توسيع تي خرچ ڪئي ويندي.

مزید خبریں