اسان جي خلائي مشن تان 19 سائنسي تجربا ٿيا : سعودي خلائي مشن

رياض _ 13 جنوري (اي پي پي) سعودي خلائي ايجنسي مطابق ” سعودي عرب جي خلائي مشن 19 “ خلائي سائنسي تجربن جو سبب بڻيو جنهن جي نتيجي ۾“ 11 سائنسي تحقيقي مقالا تيار ٿيا جن ۾ 9 قومي ۽ 2 عالمي مقالا شامل آهن . پرڏيهي خابرو اداري سان خصوصي ڳالهين ۾ ايجنسي جي ترجمان ٻڌايو ته انهن مقالن ۾ ڪيترن شعبن خاص طورتي مائيڪرو گرويوٽي (گهٽ ڪشش ثقل …

رياض _ 13 جنوري (اي پي پي) سعودي خلائي ايجنسي مطابق ” سعودي عرب جي خلائي مشن 19 “ خلائي سائنسي تجربن جو سبب بڻيو جنهن جي نتيجي ۾“ 11 سائنسي تحقيقي مقالا تيار ٿيا جن ۾ 9 قومي ۽ 2 عالمي مقالا شامل آهن . پرڏيهي خابرو اداري سان خصوصي ڳالهين ۾ ايجنسي جي ترجمان ٻڌايو ته انهن مقالن ۾ ڪيترن شعبن خاص طورتي مائيڪرو گرويوٽي (گهٽ ڪشش ثقل ) جي تحقيق، انساني جسم تي خلائي ماحول جي اثرن ۽ جديد مواد جي تياري تي ڳالهيون ڪيون ويون . اها اڳڀرائي خلائي سائنسي تحقيق ۾ مملڪت جي سهڪار ۾ هڪ نمايان تبديلي جي عڪاسي ڪري رهي آهي. سعودي خلابازن عالمي خلائي اسٽيشن تي اٽڪل 19 سائنسي تجربا  ڪيا. ان جا نتيجا سائنسي تحقيق ۾ تبديل ٿيندا . ان کي نطر ۾ رکندي ايجنسي ” العربيه ڊاٽ نيٽ “ کي ٻڌايو ته خلائي تحقيق جو هڪ حصو عالمي سائنسي اخبار ۾ شايع ٿي چڪو آهي جڏهن ته ٻيا مڪالا منظور ٿيل تعليمي رستن مطابق سائنسي اشاعت جي مرحلي ۾ آهن . اها صورتحال ان سائنسي مشن جي ڊگهي مدي جي تحقيقي اثرن کي مضبوط بڻائيندي. اها ڪاميابي رڳو خلائي تحقيق ۾ شرڪت کي اڳتي وڌائي سائنسي علم جي پيداوار ۾ هڪ فعال ڪردار ادا ڪندڙ ملڪ ۽ انساني صحت ۽ طبي ٽيڪنالاجي جي مستقبل تي سڌيءَ ريت اثر وجهڻ عالمي تحقيقي منصوبن ۾ هڪ قابل اعتماد شراڪتداري طور مملڪت جي منتقلي جي عڪاسي آهي.

مزید خبریں