والاريل بيت المقدس-12 جنوري (اي پي پي) اسرائيل جي فوج والاريل اولهندي ڪناري ۾ فائرنگ ڪري هڪ ٻئي فلسطيني کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق فلسطين جي صحت واري وزارت گذريل ڏينهن اطلاع ڏنو آهي ته والاريل اولهندي ڪناري جي شهر الخليل ۾ اسرائيلي فوج فائرنگ ڪري 58 سالن جي شاڪر فلاح احمد الجابري کي شهيد ڪري ڇڏيو. رامله ۾ قائم صحت واري وزارت مطابق فلسطيني اٿارٽي شاڪر …
اسرائيل جي فوج هٿان والاريل اولهندي ڪناري ۾ وڌيڪ هڪ فلسطيني شهيد

مزید خبریں
والاريل بيت المقدس-12 جنوري (اي پي پي) اسرائيل جي فوج والاريل اولهندي ڪناري ۾ فائرنگ ڪري هڪ ٻئي فلسطيني کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق فلسطين جي صحت واري وزارت گذريل ڏينهن اطلاع ڏنو آهي ته والاريل اولهندي ڪناري جي شهر الخليل ۾ اسرائيلي فوج فائرنگ ڪري 58 سالن جي شاڪر فلاح احمد الجابري کي شهيد ڪري ڇڏيو. رامله ۾ قائم صحت واري وزارت مطابق فلسطيني اٿارٽي شاڪر فلاح احمد الجابري جي مڙهه جي واپسي جي سلسلي ۾ اسرائيلي اختيارين سان رابطو ڪيو آهي ۽ اسرائيلي فائرنگ سبب سندس موت جي تصديق ڪئي آهي. صحت واري وزارت چيو ته فلسطيني اٿارٽي جي رابطي باوجود اسرائيلي فوج هن وقت تائين فلسطيني شهري جو مڙهه وارثن حوالي ناهي ڪيو. واضح رهي ته اسرائيلي فوج آڪٽوبر 2023ع کان اولهندي ڪناري ۾ ڪارروائيون تيز ڪري ڇڏيون آهن ۽ هن وقت تائين گهٽ ۾ گهٽ 1029 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ معصوم ٻار پڻ شامل آهن.











