ڪراڪس-12 جنوري (اي پي پي) وينزويلا جي مواصلات ۽ اطلاعات واري وزير پنهنجي ملڪ تي 3 جنوري تي ٿيل آمريڪي حملي جي مذمت ڪندي ان کي جنگي ڏوهه قرار ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق وينزويلا جي مواصلات ۽ اطلاعات واري وزير فريڊي نانيس عالمي ثقافتي تقريب کي خطاب دوران عالمي ثقافتي برادري تي زور ڀريو ته هو دنيا ۾ تشدد ۾ اضافي ۽ عالمي قانونن کي ڪمزور ڪرڻ جي عمل …
وينزويلا خلاف آمريڪي فوجي ڪارروائي جنگي ڏوهه آهي: مواصلات ۽ اطلاعات وارو وزير

مزید خبریں
ڪراڪس-12 جنوري (اي پي پي) وينزويلا جي مواصلات ۽ اطلاعات واري وزير پنهنجي ملڪ تي 3 جنوري تي ٿيل آمريڪي حملي جي مذمت ڪندي ان کي جنگي ڏوهه قرار ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق وينزويلا جي مواصلات ۽ اطلاعات واري وزير فريڊي نانيس عالمي ثقافتي تقريب کي خطاب دوران عالمي ثقافتي برادري تي زور ڀريو ته هو دنيا ۾ تشدد ۾ اضافي ۽ عالمي قانونن کي ڪمزور ڪرڻ جي عمل کي نظر ۾ رکندي پنهنجون تاريخي ذميواريون پوريون ڪري. هن ٻين ملڪن ۾ پرڏيهي مداخلت جي تاريخي مثالن جو حوالو ڏيندي چيو ته وينزويلا خلاف ناڪاري تاثر پکيڙڻ جو عمل وينزويلا جي قدرتي وسيلن سان ڳنڍيل معاشي مفادن جو نتيجو آهي. هن چيو ته 2019ع کانپوءِ پابندين، گجهن ڪارروائين ۽ وينزويلا جي اثاثن تي غير قانوني قبضي ذريعي دشمني ۾ اضافو ٿيو آهي، پر وينزويلا ڪڏهن به نه جهڪندو.











