فلپائين ۾ ڪچرو اڇلائڻ جي ڊمپ سائيٽ ڊهي پوڻ سبب فوتين جو انگ وڌي 8 ٿي ويو

منيلا-12 جنوري (اي پي پي) فلپائين جي شهر سيبو سٽي ۾ ڊمپ سائيٽ (ڪچرو اڇلائڻ وارو هنڌ) ڊهي پوڻ سبب فوتين جو انگ 8 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڳولا ۽ ريسڪيو آپريشن جاري آهي، 28 ڄڻا هن وقت تائين لاپتا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق سيبو سٽي ڪائونسلر ڊيوٽومولڪ انٽرويو ۾ چيو ته ڊمپ سائيٽ ڊهي پوڻ کانپوءِ 12 ماڻهن کي زنده ڪڍيو ويو هو، پر انجنيئرز ۽ سائيٽ تي …

منيلا-12 جنوري (اي پي پي) فلپائين جي شهر سيبو سٽي ۾ ڊمپ سائيٽ (ڪچرو اڇلائڻ وارو هنڌ) ڊهي پوڻ سبب فوتين جو انگ 8 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڳولا ۽ ريسڪيو آپريشن جاري آهي، 28 ڄڻا هن وقت تائين لاپتا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق سيبو سٽي ڪائونسلر ڊيوٽومولڪ انٽرويو ۾ چيو ته ڊمپ سائيٽ ڊهي پوڻ کانپوءِ 12 ماڻهن کي زنده ڪڍيو ويو هو، پر انجنيئرز ۽ سائيٽ تي ڪم ڪندڙ مزدورن سميت 28 ڄڻا هن وقت تائين گم آهن. ريسڪيو ٽيمون ملبو هٽائڻ لاءِ ايسيٽيلين ٽارچز، بيڪ هو ۽ 50 ٽن وزني ڪرين جو استعمال ڪري رهيون آهن، جڏهن ته غير مستحڪم ڪچري جي ڍيرن مان خارج ٿيندڙ ميٿين ۽ ڪاربن گيسن جي خطرن کي به منهن ڏنو پيو وڃي.

مزید خبریں