بغداد-12 جنوري (اي پي پي ) عراق جي هڪ فيڪٽري ۾ زهريلي گيس ليڪ سبب 2 پورهيت فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو حادثو اتر اوڀر عراق ۾ هڪ فيڪٽري ۾ پيش آيو جتي امونيا گيس خارج ٿيڻ جي نتيجي ۾ 2 پورهيت فوت ٿي ويا جڏهن ته 3 ٻيا زخمي ٿي پيا . عراقي سيڪيورٽي ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته سول ڊفينس …
عراق جي فيڪٽري ۾ زهريلي گيس ليڪ ٿيڻ سبب 2 پورهيت فوت، 3 زخمي

مزید خبریں
بغداد-12 جنوري (اي پي پي ) عراق جي هڪ فيڪٽري ۾ زهريلي گيس ليڪ سبب 2 پورهيت فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو حادثو اتر اوڀر عراق ۾ هڪ فيڪٽري ۾ پيش آيو جتي امونيا گيس خارج ٿيڻ جي نتيجي ۾ 2 پورهيت فوت ٿي ويا جڏهن ته 3 ٻيا زخمي ٿي پيا . عراقي سيڪيورٽي ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته سول ڊفينس ٽيمن گيس ليڪ ٿيڻ کان پوءِ موقعي تي موجود 19 ماڻهن کي حفاظت سان ٻاهر ڪڍي ورتو. رپورٽ مطابق گيس خارج ٿيڻ جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ شروع ڪئي وئي آهي .











