آمريڪي رياست مسيسيپي ۾ ٽن هنڌن تي فائرنگ، 6 ڄڻا فوت، هڪ شخص گرفتار

واشنگٽن-11 جنوري (اي پي پي) آمريڪا جي اوڀر واري رياست مسيسيپي ۾ ٽن هنڌن تي فائرنگ جي واقعن ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته هڪ شڪي شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي اختيارين مسيسيپي ۾ فائرنگ جي واقعن جي سلسلي ۾ 6 ڄڻن جي فوتگي کانپوءِ هڪ شخص کي حراست ۾ وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪلي ڪائونٽس جي شيرف ايڊي اسڪاٽ فيس …

واشنگٽن-11 جنوري (اي پي پي) آمريڪا جي اوڀر واري رياست مسيسيپي ۾ ٽن هنڌن تي فائرنگ جي واقعن ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته هڪ شڪي شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي اختيارين مسيسيپي ۾ فائرنگ جي واقعن جي سلسلي ۾ 6 ڄڻن جي فوتگي کانپوءِ هڪ شخص کي حراست ۾ وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪلي ڪائونٽس جي شيرف ايڊي اسڪاٽ فيس بڪ پوسٽ ۾ ٻڌايو ته رياست الاباما جي سرحد ويجهو علائقي ويسٽ پوائنٽ ۾ تشدد سبب ڪيتريون ئي معصون جانيون ضايع ٿي ويون آهن. هن هڪ ٽي وي چينل کي ڏنل بيان ۾ وڌيڪ چيو ته 6 ڄڻا ٽن مختلف هنڌن تي فوت ٿيا. شيرف واضح ڪيو ته هڪ شڪي شخص حراست ۾ آهي علائقي جي رهائشين کي هاڻي ڪو خطرو ناهي.

مزید خبریں