رياض-11 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب ۾ هڪ هفتي دوران اقامه، ليبر ۽ سرحدي قانونن جي ڀڃڪڙين تي وڌيڪ 18 هزار 836 ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو جڏهن ته 10 هزار 195 غير قانوني پرڏيهين کي سندن ملڪ واپس موڪليو ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق پهرين کان 7 جنوري 2026ع وچ ۾ مجموعي طور تي 11 هزار 710 ماڻهن کي اقامه قانونن، 4 هزار 239 کي غير قانوني سرحد …
سعودي عرب ۾ اقامه ۽ ليبر قانونن جون 18 هزار ڀڃڪڙيون، 10 هزار غير قانوني پرڏيهي بي دخل

مزید خبریں
رياض-11 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب ۾ هڪ هفتي دوران اقامه، ليبر ۽ سرحدي قانونن جي ڀڃڪڙين تي وڌيڪ 18 هزار 836 ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو جڏهن ته 10 هزار 195 غير قانوني پرڏيهين کي سندن ملڪ واپس موڪليو ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق پهرين کان 7 جنوري 2026ع وچ ۾ مجموعي طور تي 11 هزار 710 ماڻهن کي اقامه قانونن، 4 هزار 239 کي غير قانوني سرحد پار ڪرڻ جي ڪوشش ۽ 2 هزار 887 کي محنت واري قانون جي ڀڃڪڙي تي حراست ۾ ورتو ويو. غير قانوني طور تي سعودي عرب ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش تي هڪ هزار 741 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، انهن ۾ 60 سيڪڙو ايٿوپين، 39 سيڪڙو يمني ۽ هڪ سيڪڙو ٻين ملڪن سان تعلق رکن پيا. ان کان علاوه 46 اهڙن ماڻهن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي جيڪي سرحد پار ڪري سعودي عرب مان پاڙيسري ملڪن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. سفي رهائش، روزگار ۽ پناهه ڏيڻ ۾ ملوث 19 ماڻهن کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي جڏهن ته ان دوران 10 هزار 195 غير قانوني پرڏيهين کي ملڪ واپس موڪليو ويو آهي.











