سعودي عرب ۾ 50 هزار ثقافتي اثاثن جي رجسٽريشن جو هدف حاصل

رياض-11 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب ۾ 50 هزار ثقافتي اثاثن جي رجسٽريشن جو هدف حاصل ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سعودي هيريٽيج ڪميشن جو چوڻ آهي ته عسير، الباحه ۽ مڪي شريف جي 8 هزار کان وڌيڪ اڏاوتي ثقافتي ورثي جي اثاثن کي نيشنل آرڪيٽيڪچرل هيريٽيج ۾ رجسٽر ڪيو ويو آهي. رپورٽ مطابق نئين رجسٽر ڪيل اڏاوتي اثاثن کانپوءِ ملڪي سطح تي 50 هزار ثقافتي اثاثن جي …

رياض-11 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب ۾ 50 هزار ثقافتي اثاثن جي رجسٽريشن جو هدف حاصل ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سعودي هيريٽيج ڪميشن جو چوڻ آهي ته عسير، الباحه ۽ مڪي شريف جي 8 هزار کان وڌيڪ اڏاوتي ثقافتي ورثي جي اثاثن کي نيشنل آرڪيٽيڪچرل هيريٽيج ۾ رجسٽر ڪيو ويو آهي. رپورٽ مطابق نئين رجسٽر ڪيل اڏاوتي اثاثن کانپوءِ ملڪي سطح تي 50 هزار ثقافتي اثاثن جي رجسٽريشن جو هدف حاصل ٿي ويو، جيڪو گذريل سال مقرر ڪيو ويو هو. ثقافتي هنڌن جي رجسٽريشن جي شروعاتي مرحلي ۾ 990 هنڌ الباحه ريجن ۾، 4645 علائقا عسير ۽ 2946 هنڌ مڪي شريف ريجن ۾ رڪارڊ ڪيا ويا. واضح رهي ته اهو قدم سعودي ورثي، ان کي دستاويزي شڪل ڏيڻ ۽ تحفظ جي ڪوششن جي عڪاسي ڪري ٿو.

مزید خبریں