پيرس-10 جنوري (اي پي پي) فرانس ۽ برطانيا ۾ طوفان گوريٽي سبب وڏي پيماني تي تباهي ٿي آهي ۽ لکين ماڻهن کي بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق موسميات جي يورپي ماهرن 200 ڪلوميٽر في ڪلاڪ کان به تيز هوائن تي ٻڌل طوفان جي خطرن کي نظر ۾ رکندي برطانيا کان جرمني تائين ماڻهن کي گهرن ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي جڏهن ته …
فرانس ۽ برطانيا ۾ طوفان گوريٽي سبب وڏي پيماني تي تباهي، لکين ماڻهن کي بجلي جي فراهمي معطل

مزید خبریں
پيرس-10 جنوري (اي پي پي) فرانس ۽ برطانيا ۾ طوفان گوريٽي سبب وڏي پيماني تي تباهي ٿي آهي ۽ لکين ماڻهن کي بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق موسميات جي يورپي ماهرن 200 ڪلوميٽر في ڪلاڪ کان به تيز هوائن تي ٻڌل طوفان جي خطرن کي نظر ۾ رکندي برطانيا کان جرمني تائين ماڻهن کي گهرن ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي جڏهن ته ڏکڻ اولهه برطانيا جي اسڪيلي ۽ ڪارن وال ۾ ڳاڙهي آنڌاري کان به خبردار ڪيو آهي. طوفان سبب فرانس ۾ اتر نارمنڊي خطي ۾ اٽڪل 380000 گهرن کي جڏهن ته برطانيا ۾ اٽڪل 65000 گهرن کي بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي، رات جي وقت فرانس جي اتر اولهه واري علائقي مانچي ۾ طوفاني هوائن جي رفتار 213 کان 216 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين رڪارڊ ڪئي وئي. طوفان سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ وڻ پاڙون پٽجي ويا. طوفان جي اثر هيٺ برطانيا جي اڪثر حصن ۾ 160 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين آنڌاري اچڻ جي توقع آهي ۽ سامونڊي ڪناري وارن علائقن ۾ وڏيون سامونڊي لهرون خطرناڪ حالتون پيدا ڪري سگهجن ٿيون. ويلز، مرڪزي ۽ اتر برطانيا جي اڪثر حصن ۾ برفباري جي وارننگ به جاري ڪئي وئي آهي.











