مصر، سرڪاري اسپتال ۾ هڪ جهڙي شڪل رکندڙ جاڙي ڀاءُ جي جاءِ تي ٻن سالن تائين نوڪري ڪندڙ جعلي ڊاڪٽر گرفتار

قاهره-10 جنوري (اي پي پي) مصر جي سرڪاري اسپتال ۾ ٻن سالن تائين نوڪري ڪندڙ جعلي ڊاڪٽر کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق مصر جي ڪمشنري البحيره ۾ 29 سالن جو شخص جيڪو رڳو سائنس گريجويٽ هو ٻن سالن تائين سرڪاري اسپتال ۾ ڊاڪٽر بڻجي مريضن جو علاج ڪندو رهيو. پوليس طرفان جاري تفصيل ۾ چيو ويو آهي ته ڪمشنري ۾ رهندڙ ٻه جاڙا ڀائر جن مان هڪ …

قاهره-10 جنوري (اي پي پي) مصر جي سرڪاري اسپتال ۾ ٻن سالن تائين نوڪري ڪندڙ جعلي ڊاڪٽر کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق مصر جي ڪمشنري البحيره ۾ 29 سالن جو شخص جيڪو رڳو سائنس گريجويٽ هو ٻن سالن تائين سرڪاري اسپتال ۾ ڊاڪٽر بڻجي مريضن جو علاج ڪندو رهيو. پوليس طرفان جاري تفصيل ۾ چيو ويو آهي ته ڪمشنري ۾ رهندڙ ٻه جاڙا ڀائر جن مان هڪ سند يافته ڊاڪٽر جڏهن ته ٻيو رڳو سائنس گريجويٽ هو سندن شڪل ۽ قد هڪ جهڙو هو. ڊاڪٽر ڀاءُ ڪمشنري جي طبي مرڪز شبراخيت ۾ ملازم هو جڏهن ته ٻيو بيروزگار هو. ڊاڪٽر ڀاءُ کي هڪ نجي اسپتال مان بهتر پگهار تي نوڪري جي آڇ ٿي جنهن تي هن پگهار کانسواءِ ڊگهي موڪل جي درخواست ڏني پر ريجنل ڊائريڪٽر صحت سندس موڪل جي درخواست رد ڪري ڇڏي. موڪل جي درخواست رد ٿيڻ تي ٻنهي ڀائرن هڪ جهڙي شڪل ۽ قد جا فائدو کڻندي گڏجي فيصلو ڪيو ته ڊاڪٽر ڀاءِ نئين نوڪري جوائن ڪندو جڏهن ته ٻيو ڀاءُ سندس جاءِ تي سرڪاري اسپتال ۾ ڊاڪٽر طور خدمتون انجام ڏيندو. جعلي ڊاڪٽر ٻن سالن تائين پنهنجي ڀاءُ جي جاءِ تي نوڪري ڪندو رهيو. اها جعل سازي ٻن سالن تائين جاري رهي پر هڪ ڏينهن اسپتال ۾ مقرر هڪ نرس کي ڪنهن ڳالهه تي شڪ ٿيو ۽ هن حقيقيت جو پتو لڳائي لاڳاپيل اداري کي اطلاع ڏنو. اسپتال انتظاميا جعلي ڊاڪٽر بابت جاچ ڪئي ۽ حقيقت معلوم ٿيڻ تي کيس گرفتار ڪيو ويو بعد ۾ اصلي ڊاڪٽر کي به حراست ۾ وٺي سندس خلاف جعل سازي جو ڪيس داخل ڪري پراسيڪيوشن کي موڪليو ويو.

مزید خبریں