رياض -10 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت 2026ع ۾ حج ڪندڙن لاءِ شرطن کي قطئي صورت ڏيڻ جي منصوبي جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو مرحلو حاجين بابت سعودي اداري نسڪ ذريعي ڪتب آندو ويندو ته جيئن مختلف ملڪن طرفان حج پانڌيئڙن لاءِ ٺاهيل پروگرام، خدمتن جي معيار، انتظامن ۽ حج بابت خرچن جو جائزو وٺي سگهجي. حج وزارت جو چوڻ …
سعودي حج ۽ عمري واري وزارت پاران حج پانڌيئڙن بابت شرطن کي قطئي شڪل ڏيڻ جي منصوبي جو اعلان

مزید خبریں
رياض -10 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت 2026ع ۾ حج ڪندڙن لاءِ شرطن کي قطئي صورت ڏيڻ جي منصوبي جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو مرحلو حاجين بابت سعودي اداري نسڪ ذريعي ڪتب آندو ويندو ته جيئن مختلف ملڪن طرفان حج پانڌيئڙن لاءِ ٺاهيل پروگرام، خدمتن جي معيار، انتظامن ۽ حج بابت خرچن جو جائزو وٺي سگهجي. حج وزارت جو چوڻ آهي، ته اهو منصوبو حاجين جي مدد لاءِ تيار ڪيو ويو آهي ته جيئن اهي پنهنجي مرضي جي آپريشنز کي اختيار ڪري وقت کان اڳ سرڪاري اختيارين کان بڪنگ ڪرائي سگهن ۽ حاجين لاءِ خدمتون فراهم ڪندڙ ڪمپنين کي به حج بابت آگاهي ملي سگهي. اهو اعلان رڳو انهن ملڪن تي لاڳو ٿيندو جيڪي سڌي ريت حج پروگرام ۾ شامل آهن.











