ڪراچي-09 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان سعودي عرب جي صوبي تبوڪ جي گورنر، پرنس فھد بن سلطان بن عبدالعزيز آل سعود ڪراچي آمد مھل ھوائي اڏي تي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ پراڻن لاڳاپن ،گڏيل سھڪار ۽ علائقائي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر ھائوس مان جاري پريس رليز موجب ان موقعي تي سعودي عرب …
سنڌ جي گورنر جي سعودي عرب جي صوبي تبوڪ جي گورنر سان ڪراچي ايئرپورٽ تي ملاقات
ڪراچي-09 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان سعودي عرب جي صوبي تبوڪ جي گورنر، پرنس فھد بن سلطان بن عبدالعزيز آل سعود ڪراچي آمد مھل ھوائي اڏي تي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ پراڻن لاڳاپن ،گڏيل سھڪار ۽ علائقائي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر ھائوس مان جاري پريس رليز موجب ان موقعي تي سعودي عرب جو سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي ،قونصل جنرل ، ملٽري اتاشي سوڌو ٻيا اعليَ عملدار بھ موجود ھئا. ملاقات دوران ان ڳالهھ تي زور ڀريو ويو تھ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ تاريخي،مذھبي ۽ ڀائپي وارا لاڳاپا وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿيا آھن ۽ ٻئي ملڪ مختلف شعبن ۾ سھڪار کي وڌيڪ ھٿي وٺائڻ جا خواھشمند آھن. گورنرڪامران خان ٽيسوري تبوڪ صوبي جي گورنر جي دوري کي ٻھ طرفن لاڳاپن کي زور وٺائڻ لاءِ ھڪ اھم سنگ ميل قرار ڏيندي چيو تھ پاڪستان سعودي عرب سان پنھنجن لاڳاپن کي نھايت اھميت ڏئي ٿو، جيڪي خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي لاءِ معاون ثابت ٿيندا. بعد ۾ ڪامران خان ٽيسوري سعودي عرب جي صوبي تبوڪ جي گورنر ،پرنس فھد بن سلطان بن عبدالعزيز آل سعود کي ھوائي اڏي تي ئي مانائتي انداز ۾ الوداع ڪيو ۽ ٻنھي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو.











