نيويارڪ-09 جنوري (اي پي پي)آمريڪا ۾ اميگريشن ايجنٽ جي فائرنگ جو هڪ ٻيو واقعو پيش آيو آهي جنهن ۾ ٻه ڄڻا زخمي ٿيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق واقعو گذريل ڏينهن پورٽ لينڊ ۾ ٿيو جنهن ۾ زخمي ٿيل هڪ مرد ۽ هڪ عورت شامل آهي. هڪ ڏينهن اڳ منيسوٽا ۾ به اهڙي نوعيت جو واقعو پيش آيو جنهن ۾ اميگريشن ايجنٽ جي فائرنگ سبب عورت فوت ٿي وئي هئي. ان …
آمريڪا ۾ اميگريشن ايجنٽ جي فائرنگ جو هڪ ٻيو واقعو، ٻه ڄڻا زخمي

مزید خبریں
نيويارڪ-09 جنوري (اي پي پي)آمريڪا ۾ اميگريشن ايجنٽ جي فائرنگ جو هڪ ٻيو واقعو پيش آيو آهي جنهن ۾ ٻه ڄڻا زخمي ٿيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق واقعو گذريل ڏينهن پورٽ لينڊ ۾ ٿيو جنهن ۾ زخمي ٿيل هڪ مرد ۽ هڪ عورت شامل آهي. هڪ ڏينهن اڳ منيسوٽا ۾ به اهڙي نوعيت جو واقعو پيش آيو جنهن ۾ اميگريشن ايجنٽ جي فائرنگ سبب عورت فوت ٿي وئي هئي. ان کانپوءِ عوامي سطح تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو پيو وڃي ۽ ٻنهي واقعن اختيارين کي وڌيڪ پريشان ڪري ڇڏيو آهي ۽ اختيارين ماڻهن کي پرسڪون رهڻ جي اپيل ڪئي آهي. هوم لينڊ ڊيپارٽمينٽ جو چوڻ آهي ته پورٽ لينڊ ۾ فائرنگ گذريل ڏينهن منجهند جو ان وقت ٿي جڏهن آمريڪي سرحد تي مقرر اهلڪارن هڪ گاڏي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. بيان مطابق ان ۾ وينزويلا جي گينگ سان تعلق رکندڙ شڪي شخص سوار هو ۽ هن گاڏي اهلڪارن تي چاڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. ان جي جواب ۾ هڪ ايجنٽ دفاع لاءِ فائرنگ ڪئي پر ڊرائيور ۽ هڪ مسافر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.











