انقره-09 جنوري (اي پي پي) ترڪيه چيو آهي ته شام مدد جي درخواست ڪئي ته ان لاءِ تيار آهيون. پرڏيهي ميڊيا مطابق ترڪيه جي دفاع واري وزارت گذريل ڏينهن هڪ بريفنگ دوران ٻڌايو ته اتر شام جي شهر حلب ۾ چڪرين کانپوءِ جيڪڏهن شام مدد طلب ڪئي ته ترڪيه ضروري سهڪار فراهم ڪندو. ترڪيه جي پارليامينٽ جي اسپيڪر نعمان قورتولموش انقره ۾ پارليامينٽ جي اجلاس دوران هڪ ڌار بيان ۾ …
شام جي مدد لاءِ تيار آهيون، ترڪيه جو اعلان

مزید خبریں
انقره-09 جنوري (اي پي پي) ترڪيه چيو آهي ته شام مدد جي درخواست ڪئي ته ان لاءِ تيار آهيون. پرڏيهي ميڊيا مطابق ترڪيه جي دفاع واري وزارت گذريل ڏينهن هڪ بريفنگ دوران ٻڌايو ته اتر شام جي شهر حلب ۾ چڪرين کانپوءِ جيڪڏهن شام مدد طلب ڪئي ته ترڪيه ضروري سهڪار فراهم ڪندو. ترڪيه جي پارليامينٽ جي اسپيڪر نعمان قورتولموش انقره ۾ پارليامينٽ جي اجلاس دوران هڪ ڌار بيان ۾ چيو ته اسان شام ۾ ٿيل اڳڀرائي تي نظر رکي آهي، صورتحال انتهائي نازڪ آهي. هن چيو ته اسان حلب ۾ چڪرين جي فوري خاتمي ۽ امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ لاءِ هر قسم جو سهڪار فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. اتر شام جي شهر حلب ۾ اڱاري ۽ اربع تي ٿيل چڪرين جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي جڏهن ته هزارين شهري پنهنجن گهرن مان لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.











