گرين لينڊ تي قبضي بابت آمريڪي صدر جا پيغام انتهائي ڳڻتي جوڳا آهن: يورپي يونين

برسلز-09 جنوري (اي پي پي) يورپي ملڪن گرين لينڊ تي قبضي بابت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڌمڪين سبب پيدا ٿيل صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سنجيدگي سان غور ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان حوالي سان بيلجئيم جي گادي واري شهر برسلز ۾ يورپي سفارتڪارن جي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته يورپي يونين اندر اڪثر حلقن طرفان آمريڪي انتظاميا جي سربراهه سان سڌي ريت ٽڪراءُ لاءِ …

برسلز-09 جنوري (اي پي پي) يورپي ملڪن گرين لينڊ تي قبضي بابت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڌمڪين سبب پيدا ٿيل صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سنجيدگي سان غور ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان حوالي سان بيلجئيم جي گادي واري شهر برسلز ۾ يورپي سفارتڪارن جي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته يورپي يونين اندر اڪثر حلقن طرفان آمريڪي انتظاميا جي سربراهه سان سڌي ريت ٽڪراءُ لاءِ تيار رهڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي جنهن جو مطلب اهو آهي ته اڳ جي ابتڙ يورپي حڪومتون هاڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڌمڪين کي سنجيدگي سان وٺي رهيون آهن. رپورٽ مطابق نيٽو جي سفيرن آرڪٽڪ ۾ دفاعي خرچن ۾ اضافي، اضافي فوجي سامان جي مقرري ۽ فوجي مشقون تيز ڪرڻ جون تجويزون به پيش ڪيون آهن ته جيئن آمريڪا تي اهو به واضح ڪري سگهجي ته گرين لينڊ جو خطو ڪافي حد تائين محفوظ آهي. نيٽو جي يورپي ميمبرن گرين لينڊ ۾ امڪاني آمريڪي فوجي مداخلت کي روڪڻ لاءِ ٻن مرحلن تي ٻڌل سفارتي ڪوششن جي به شروعات ڪئي آهي. ٻئي پاسي يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي سربراهه ڪاجاڪيلس چيو آهي ته يورپي يونين ان ڳالهه تي ڳالهيون ڪيون آهن ته جيڪڏهن گرين لينڊ تي قبضي بابت آمريڪي ڌمڪي حقيقت تي ٻڌل هئي ته ڪهڙي نوعيت جو ردعمل ڏنو وڃي.

مزید خبریں