تهران -09 جنوري (اي پي پي) ايران جي عدليه مظاهرو ڪندڙن کي خبردار ڪندي چيو آهي ته دشمن جي مدد ڪندڙن لاءِ ڪا نرمي نه ڪئي ويندي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق ايران جي چيف جسٽس حسين محسني اسرائيل ۽ آمريڪا تي ايران ۾ خلل پيدا ڪرڻ جي حوالي سان هائبرڊ انداز اختيار ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي . هن چيو ته اسرائيل ۽ آمريڪي صدر جي اعلانن بعد ايران …
دشمن جي مدد ڪندڙن لاءِ ڪا نرمي ناهي: ايراني عدليه جي تنبيهه

مزید خبریں
تهران -09 جنوري (اي پي پي) ايران جي عدليه مظاهرو ڪندڙن کي خبردار ڪندي چيو آهي ته دشمن جي مدد ڪندڙن لاءِ ڪا نرمي نه ڪئي ويندي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق ايران جي چيف جسٽس حسين محسني اسرائيل ۽ آمريڪا تي ايران ۾ خلل پيدا ڪرڻ جي حوالي سان هائبرڊ انداز اختيار ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي . هن چيو ته اسرائيل ۽ آمريڪي صدر جي اعلانن بعد ايران ۾ بدامني ۽ فساد ڦهلائيندڙن لاءِ ڪا رعايت ناهي ۽ ايران ۽ ايراني عوام خلاف دشمن جي مدد ڪندڙن لاءِ ڪا نرمي نه ڪئي ويندي . ياد رهي ته جون ۾ 12 ڏينهن جي جنگ دوران ايراني ايٽمي ٺڪاڻن تي اسرائيلي ۽ آمريڪي حملن بعد آمريڪي صدر ڊونلد ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر ڌمڪي ڏني آهي ته ايران ۾ مظاهرو ڪندڙن تي فائرنگ جي واقعن جي نتيجي ۾ آمريڪا مظاهرو ڪندڙن جي مدد لاءِ ايندو . احتجاج جو اهو سلسلو 28 ڊسمبر تي تهران شهر جي دڪانن ۽ بازارن کان شروع ٿيو هو . واپاري ۽ دڪاندار ان ڳالهه تي احتجاج ڪري رهيا آهن ته ايراني ريال جو قدر تمام گهڻو گهٽجي ويو آهي جنهن سان ناڻي واڌ جي شرح ۽ مهانگائي ۾ غير معمولي اضافو ٿيو آهي .











