واشنگٽن -09 جنوري (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ فوجي ڪاروائي جي حڪم کان کيس ڪا شيءِ روڪي ٿي ته اها اخلاقيات آهي. پرڏيهي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو دوران صدر ڊولڊ ٽرمپ چيو ته ها رڳو هڪ شيءِ آهي جيڪا منهنجي پنهنجي اخلاقيات ۽ دماغ آهي، جيڪو مونکي ڪنهن ڪم کان روڪي سگهي ٿو. هن چيو ته مون کي عالمي قانون نه گهرجن مان …
مونکي عالمي قانون نٿا کپن، سڄي دنيا ۾ فوجي ڪارروائي کان ڪا شيءِ روڪي ٿي ته اها اخلاقيات آهي: آمريڪي صدر

مزید خبریں
واشنگٽن -09 جنوري (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ فوجي ڪاروائي جي حڪم کان کيس ڪا شيءِ روڪي ٿي ته اها اخلاقيات آهي. پرڏيهي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو دوران صدر ڊولڊ ٽرمپ چيو ته ها رڳو هڪ شيءِ آهي جيڪا منهنجي پنهنجي اخلاقيات ۽ دماغ آهي، جيڪو مونکي ڪنهن ڪم کان روڪي سگهي ٿو. هن چيو ته مون کي عالمي قانون نه گهرجن مان ماڻهن کي تڪليف نٿو ڏيڻ چاهيان. هن چيو ته مونکي عالمي قانون جي پابندي ڪرڻ گهرجي پر ان جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته انهن قانونن جي تعريف ڇا آهي جڏهن کانئس پڇيو ويو ته ان جي ترجيح نيٽو جي فوجي اتحاد جو تحفظ آهي يا پوءِ گرين لينڊ حاصل ڪرڻ، ان جي جواب ۾ آمريڪي صدر چيو ته ان مان ڪو هڪ ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته گرين لينڊ جي ملڪيت اهڙي شيءِ آهي جيڪا مونکي لڳي ٿي ته نفسياتي طور تي ڪاميابي لاءِ ضروري آهي.











