فلپائن ۾ ڊمپ سائيٽ جي ڊھي پوڻ سبب ھڪ شخص فوت، 38 لاپته

منيلا - 09 جنوري (اي پي پي) فلپائن جي شھر سيبوسٽي ۾ ڊمپ سائيٽ (ڪچري واري جڳھه) ڊھي پوڻ جي نتيجي ۾ ھڪ شخص فوت ۽ ڪيترائي لاپته ٿي ويا آھن. پرڏيھي ميڊيا مطابق سيبوسٽي جي اسسٽنٽ پبلڪ انفارميشن آفيسر ٻڌايو ته سيبوسٽي ۾ قائم خانگي طور ھلندڙ لينڊ فل ۾ گذريل ڏينھن ڪچري جو ڍير ڊھي ڪري پوڻ سبب صفائي وارا ڪيترائي ڪارڪن ان ۾ دٻجي ويا. ھن چيو …

منيلا – 09 جنوري (اي پي پي) فلپائن جي شھر سيبوسٽي ۾ ڊمپ سائيٽ (ڪچري واري جڳھه) ڊھي پوڻ جي نتيجي ۾ ھڪ شخص فوت ۽ ڪيترائي لاپته ٿي ويا آھن. پرڏيھي ميڊيا مطابق سيبوسٽي جي اسسٽنٽ پبلڪ انفارميشن آفيسر ٻڌايو ته سيبوسٽي ۾ قائم خانگي طور ھلندڙ لينڊ فل ۾ گذريل ڏينھن ڪچري جو ڍير ڊھي ڪري پوڻ سبب صفائي وارا ڪيترائي ڪارڪن ان ۾ دٻجي ويا. ھن چيو ته اھا چار منزل عمارت جيتري بلند ھئي. پوليس طرفان جاري ڪيل فضائي تصويرن ۾ ڪچري ھيٺ دٻجي ويل ڪيترائي عمارتي ڍانچا نظر اچي رھيا آھن. سٽي انفارميشن آفيسر ٻڌايو ته اھي عمارتون ان خانگي ڪمپني جون آفيسون ھيون جيڪي ان سائيٽ کي ھلائي رھيون ھيون، جنھن ۾ ڪمپني آفيسر، ھيومن ريسورس، انتظاميا ۽ مينٽيننس اسٽاف موجود ھو. ھن چيو ته اسان معلومات گڏ ڪري رھيا آھيون ڇو ته ڊمپ سائيٽ تي ڪو سگنل موجود ناھي. شھر جي ميئر جي سرڪاري فيس بڪ پيج تي جاري بيان مطابق واقعي ۾ 12 ملازمن کي زنده ڪڍي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آھي. ھن چيو ته ريسڪيو اھلڪار لاپته ماڻھن جي ڳولا لاءِ مڪمل طور سرگرم آھن. ويب سائيٽ مطابق اھو لينڊ فل روزانو 1،000 ٽن شھري ڪچرو پراسيس ڪري ٿو. ڪنسولاسيون پوليس چيو ته اسان کي معلوم ناھي ته اھو حادثو ڪھڙي سبب پيش آيو. ھن چيو ته حادثي وقت برسات نه ٿي رھي ھئي. ھن چيو ته اڪثر متاثر ڪيسولاسيون سان تعلق رکندا ھئا، جيڪو ان ڊمپ سائيٽ  جي ويجھو علائقو آھي.

مزید خبریں