سعودي عرب جو هڪ ٻيو امدادي قافلو غزه پهچي ويو، فوڊ باسڪٽس ورهايون ويون

 رياض – 09 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب فلسطيني عوام لاءِ امدادي مهم جي هڪ حصي طور شاهه سلمان مرڪز ذريعي هڪ ٻيو قافلو غزه موڪلي ڇڏيو آهي جڏهن ته ڏکڻ غزه جي علائقي الموصي ۾ فوڊ باسڪٽس ورهايا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق سعودي سينٽر فار ڪلچر اينڊ هيريٽيج جو غزه جي پٽي ۾ شاهه سلمان مرڪز جو ايگزيڪٽو پارٽنر آهي، جي نگراني ۾ امدادي سامان ورهايو ويو. اهي فوڊ باسڪٽس، …

 رياض – 09 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب فلسطيني عوام لاءِ امدادي مهم جي هڪ حصي طور شاهه سلمان مرڪز ذريعي هڪ ٻيو قافلو غزه موڪلي ڇڏيو آهي جڏهن ته ڏکڻ غزه جي علائقي الموصي ۾ فوڊ باسڪٽس ورهايا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق سعودي سينٽر فار ڪلچر اينڊ هيريٽيج جو غزه جي پٽي ۾ شاهه سلمان مرڪز جو ايگزيڪٽو پارٽنر آهي، جي نگراني ۾ امدادي سامان ورهايو ويو. اهي فوڊ باسڪٽس، خوراڪ جي شديد کوٽ ۽ عام واهپي جي شين جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ فلسطيني خاندانن جي مدد جو ذريعو آهن. شاهه سلمان مرڪز ذريعي موڪليل امدادي قافلي ۾  خوراڪ، سياري جي موسم جا ڪپڙا ۽ شيلٽر شامل آهن. سعودي سينٽر فار ڪلچر اينڊ هيريٽيج غزه ۾ رفع ۽ خان يونس جي علائقن ۾ بي گهر ماڻهن کي شيلٽر فراهم ڪرڻ، سياري جي موسم دوران کين انساني امداد جي فراهمي لاءِ ڪيتريون  ئي ڪيمپون قائم ڪيون آهن.

مزید خبریں