روس جي اولهه واري علائقي بيلگوروڊ ۾ يوڪريني ميزائل حملو، شديد ٿڏ ۾ ساڍا 5 لک ماڻهن کي بجلي جي فراهمي معطل

 ماسڪو – 09 جنوري (اي پي پي) روس جي اولهه واري علائقي بيلگوروڊ ۾ يوڪرين جي ميزائل حملي جي نتيجي ۾ شديد ٿڌ دوران ساڍا پنج لک ماڻهن کي  بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي. پرڏيهي ميڊيا بيلگوروڊ جي گورنر وياچيسلاوگلادڪوف جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته يوڪريني ميزائل حملي سبب بجلي گهر کي شديد نقصان پهتو پر حملي ۾ ڪو جاني نقصان ناهي ٿيو. گورنر پنهنجي ٽيلي گرام چينل تي ويڊيو …

 ماسڪو – 09 جنوري (اي پي پي) روس جي اولهه واري علائقي بيلگوروڊ ۾ يوڪرين جي ميزائل حملي جي نتيجي ۾ شديد ٿڌ دوران ساڍا پنج لک ماڻهن کي  بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي. پرڏيهي ميڊيا بيلگوروڊ جي گورنر وياچيسلاوگلادڪوف جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته يوڪريني ميزائل حملي سبب بجلي گهر کي شديد نقصان پهتو پر حملي ۾ ڪو جاني نقصان ناهي ٿيو. گورنر پنهنجي ٽيلي گرام چينل تي ويڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته يوڪريني ميزائل حملي جي نتيجي ۾ مقامي وقت مطابق صبح 6 وڳي کان شهر جي 6 ميونسپلٽيز ۾ 556،000 ماڻهن کي بجلي جي فراهمي معطل آهي. هن وڌيڪ چيو ته اٽڪل 2،000 اپارٽمنٽ بلاڪس ۾ هيٽنگ سسٽم ڪم ناهي ڪري رهيو ۽ اٽڪل 2 لک ماڻهو گهرن ۾ پاڻي جي فراهمي کان محروم آهن. جمعي جي صبح بيلگوروڊ جو گرمي پد اٽڪل 2 ڊگري سينٽي گريڊ هو. ٻئي پاسي يوڪريني اختيارين گادي واري شهر ڪيف ۾ ڊرون حملن ۽ بليڪ آئوٽ جو اطلاع ڏنو آهي.

مزید خبریں