ڍاڪا – 09 جنوري (اي پي پي) بنگلاديش ڀارتي شهرين لاءِ ويزا جاري ڪرڻ تي وڌيڪ پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن ۽ ان جو دائرو ڪوڪلتا، ممبئي ۽ چنئي ۾ قائم پنهنجي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر تائين وڌائي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق بنگلاديشي پرڏيهي وزارت گذريل ڏينهن رات جو ان فيصلي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته اهي پابنديون لاڳو ٿي ويون آهن. بنگلاديشي پرڏيهي وزارت جي بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي …
بنگلاديش ڀارتي شهرين لاءِ ويزا جاري ڪرڻ تي وڌيڪ پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون

مزید خبریں
ڍاڪا – 09 جنوري (اي پي پي) بنگلاديش ڀارتي شهرين لاءِ ويزا جاري ڪرڻ تي وڌيڪ پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن ۽ ان جو دائرو ڪوڪلتا، ممبئي ۽ چنئي ۾ قائم پنهنجي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر تائين وڌائي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق بنگلاديشي پرڏيهي وزارت گذريل ڏينهن رات جو ان فيصلي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته اهي پابنديون لاڳو ٿي ويون آهن. بنگلاديشي پرڏيهي وزارت جي بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته تازن قدمن تحت ڪاروباري ۽ نوڪري پيشي جي ماڻهن کان علاوه هر قسم جي ويزا معطل ڪئي وئي آهي. ڪولڪته ۾ بنگلاديش جي ڊپٽي هاءِ ڪميشن ۾ قونصلر ۽ ويزا خدمتون مڪمل طورتي روڪيون ويون آهن، جڏهن ته ممبئي ۽ چنئي ۾ ڀارتي شهرين لاءِ سياحتي ۽ ٻين ويزائن جون خدمتون معطل ڪيون ويون آهن. بنگلاديش ۾ سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته اهو فيصلو ٻنهي ملڪن وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي سيڪيورٽي خدشن سبب ڪيو ويو آهي.











