وينزويلا جي عبوري صدر, نڪولس مادورو جي حفاظت تي مقرر گارڊز جي ڪمانڊر کي برطرف ڪري ڇڏيو

ڪراڪس-08 جنوري (اي پي پي)وينزويلا جي عبوري صدر ڊيلسي روڊ ريگز صدر نڪولس مادورو جي حفاظت تي مقرر گارڊز جي ڪمانڊر جنرل خاوير مارڪانوتاباتا کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪي فورسز وينزويلا جي گادي واري شهر ڪراڪس ۾ ڪارروائي دوران صدر نڪولس مادورو کي سندس زال سميت گرفتار ڪري نيويارڪ منتقل ڪري ڇڏيو هو. آمريڪي ڪارروائي ۾ وينزويلا ۽ ڪيوبا جي فوج جا 55 …

ڪراڪس-08 جنوري (اي پي پي)وينزويلا جي عبوري صدر ڊيلسي روڊ ريگز صدر نڪولس مادورو جي حفاظت تي مقرر گارڊز جي ڪمانڊر جنرل خاوير مارڪانوتاباتا کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪي فورسز وينزويلا جي گادي واري شهر ڪراڪس ۾ ڪارروائي دوران صدر نڪولس مادورو کي سندس زال سميت گرفتار ڪري نيويارڪ منتقل ڪري ڇڏيو هو. آمريڪي ڪارروائي ۾ وينزويلا ۽ ڪيوبا جي فوج جا 55 اهلڪار مارجي ويا هئا. ڪيوبا جا فوجي ڪراڪس ۾ صدر نڪولس مادورو جي حفاظت تي مقرر هئا ۽ ڪيوبا جي حڪومت مارجي ويل پنهنجن فوجين جا نالا جاري ڪندي آمريڪي قدمن جي مذمت ڪئي آهي. وينزويلا جو صدارتي اعزازي گارڊ اهو فوجي جٿو آهي جيڪو صدر مملڪت جي حفاظت تي مقرر باڊي گارڊز فراهم ڪندو آهي. وينزويلا جي عبوري صدر ڊيلسي روڊ ريگز، نڪولس مادورو جي نائب صدر رهي چڪي آهي ۽ سندس ويجهي اتحادي سمجهي ويندي آهي.

مزید خبریں