انڊونيشيا: جيٽ اسڪي اونڌي ٿيڻ سبب سعودي سياح فوت، ساٿي عورت زخمي

جڪارتا-08 جنوري (اي پي پي) انڊونيشيا جي صوبي اولهه جاوا جي سامونڊي ڪناري تي جيٽ اسڪي اونڌي ٿيڻ سبب سعودي شهري فوت ٿي ويو ۽ سندس ساٿي عورت شديد زخمي ٿي پئي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق انڊونيشيا ۾ سعودي سفارخاني ٻڌايو ته سعودي شهري جو مڙهه مملڪت منتقل ڪرڻ جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. اهو حادثو گذريل ڏينهن اولهه جاوا جي شهر سوڪابومي ۾ واقع پليبهان راتو جي بوبالو …

جڪارتا-08 جنوري (اي پي پي) انڊونيشيا جي صوبي اولهه جاوا جي سامونڊي ڪناري تي جيٽ اسڪي اونڌي ٿيڻ سبب سعودي شهري فوت ٿي ويو ۽ سندس ساٿي عورت شديد زخمي ٿي پئي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق انڊونيشيا ۾ سعودي سفارخاني ٻڌايو ته سعودي شهري جو مڙهه مملڪت منتقل ڪرڻ جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. اهو حادثو گذريل ڏينهن اولهه جاوا جي شهر سوڪابومي ۾ واقع پليبهان راتو جي بوبالو سامونڊي ڪناري تي پيش آيو. حادثي جي فوري بعد ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون ۽ ٻنهي کي ٻاهر ڪڍيو ويو ته معلوم ٿيو ته 39 سالن جو سعودي شهري ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو جڏهن ته سندس ساٿي 24 سالن جي انڊونيشيائي عورت سيتي مريم کي شديد زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو. سامونڊي ڪناري تي موجود هڪ اکين ڏٺي شاهد مطابق جيٽ اسڪي تيزي سان کليل سمنڊ طرف وڌي رهي هئي ته هو اوچتو وڏن لهرن سان ٽڪرائجي اونڌي ٿي پئي. انڊونيشيا جي پوليس جو واٽر اينڊ ايئر يونٽ حادثي جي جاچ ڪري رهيو آهي.

مزید خبریں