برسلز -07 جنوري(اي پي پي) يورپي يونين ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته غزه لاءِ انساني امداد جي بنا رنڊڪ فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ اسرائيل کان مطالبو ڪيو آهي ته هو عالمي غير سرڪاري تنظيمن کي فلسطيني علائقن ۾ ڪم ڪرڻ جي مڪمل اجازت ڏئي. پرڏيهي ميڊيا موجب يورپي يونين خبردار ڪيو آهي ته غير سرڪاري تنظيمن جي ڪم تي لاڳو پابنديون غزه ۾ انساني صورتحال کي …
يورپي يونين پاران غزه تائين امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي تي زور

مزید خبریں
برسلز -07 جنوري(اي پي پي) يورپي يونين ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته غزه لاءِ انساني امداد جي بنا رنڊڪ فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ اسرائيل کان مطالبو ڪيو آهي ته هو عالمي غير سرڪاري تنظيمن کي فلسطيني علائقن ۾ ڪم ڪرڻ جي مڪمل اجازت ڏئي. پرڏيهي ميڊيا موجب يورپي يونين خبردار ڪيو آهي ته غير سرڪاري تنظيمن جي ڪم تي لاڳو پابنديون غزه ۾ انساني صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪنديون ۽ جاني نقصان ۾ اضافي جو سبب بڻجنديون. يونين موجب انساني امدادي سرگرمين ۾ رڪاوٽ شهرين جي حياتين کي خطري ۾ وجهڻ آهي ۽ فوري ضرورتن لاءِ عالمي رد عمل کي ڪمزور ڪري ٿي. يورپي يونين اسرائيل کان مطالبو ڪيو آهي ته هو غير سرڪاري تنظيمن جي رجسٽريشن قانون جي موجوده شڪل ۾ لاڳو نه ڪري ۽ عالمي تنظيمن کي فلسطيني علائقن ۾ بنا رڪاوٽ ڪم ڪرڻ ڏئي ته جيئن هو ضروري مدد فراهم ڪري سگهن. اهو موقف اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن ڪيترن ئي عالمي ادارن خبردار ڪيو آهي ته انساني تنظيمن جي سرگرمين جي معطلي سبب غزه ۾ خوراڪ، صحت جي سهولتن ۽ بنيادي خدمتن جي فراهمي متاثر ٿي رهي آهي جڏهن ته جنگ بندي کانپوءِ به اتي انساني صورتحال انتهائي خراب آهي.











