نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس، پاڪستان جي ميزباني ۾ عورتن بابت او آءِ سي جي نائين وزارتي ڪانفرنس جي تيارين جو جائزو ورتو ويو

اسلام آباد - 07 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان جي ميزباني ۾ عورتن بابت منعقد ٿيندڙ او آءِ سي جي نائين وزارتي ڪانفرنس جي تيارين جي حوالي اسان قائم ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب اجلاس دوران نائب وزيراعظم لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته انتظامي معاملن، لاجسٽڪس ۽ موضوعاتي ويهڪن کي حتمي شڪل ڏني وڃي ۽ ان …

اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان جي ميزباني ۾ عورتن بابت منعقد ٿيندڙ او آءِ سي جي نائين وزارتي ڪانفرنس جي تيارين جي حوالي اسان قائم ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب اجلاس دوران نائب وزيراعظم لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته انتظامي معاملن، لاجسٽڪس ۽ موضوعاتي ويهڪن کي حتمي شڪل ڏني وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته سمورين لاڳاپيل وزارتن ۽ او آءِ سي سيڪريٽريٽ جي وچ ۾ ويجهو رابطو ۽ هم آهنگي برقرار رهي. هن چيو ته ايندڙ ڪانفرنس عورتن جي حقن جي فروغ ۽ سماجي، معاشي ۽ سياسي شعبن ۾ انهن جي ڪردار کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جي عڪاس آهي. اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، پرڏيهي سيڪريٽري، ڪابينا سيڪريٽري، انساني حقن واري سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل شعبن جي سيڪريٽرين سميت لاڳاپيل وزارتن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں