نيپال ۾ مسجد تي حملي خلاف احتجاج، حڪومت ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو

کٽمنڊو-07 جنوري (اي پي پي) نيپال جي شهير بير گنج ۾ هڪ مسجد تي هندوئن جي حملي ۽ غنڊا گردي کانپوءِ ڪرفيو لڳايو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب مسجد تي حملو هفتي جي پڄاڻي تي موقعي تي ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ مسلمانن احتجاج ڪيو، احتجاج کي روڪڻ لاءِ هندو روڊن تي نڪري آيا، جنهن کانپوءِ صورتحال کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ ضلعي انتظاميه ڪرفيو لاڳو ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري …

کٽمنڊو-07 جنوري (اي پي پي) نيپال جي شهير بير گنج ۾ هڪ مسجد تي هندوئن جي حملي ۽ غنڊا گردي کانپوءِ ڪرفيو لڳايو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب مسجد تي حملو هفتي جي پڄاڻي تي موقعي تي ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ مسلمانن احتجاج ڪيو، احتجاج کي روڪڻ لاءِ هندو روڊن تي نڪري آيا، جنهن کانپوءِ صورتحال کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ ضلعي انتظاميه ڪرفيو لاڳو ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. ضلعي انتظاميه اهو اعلان ڪيو آهي ته سڄي ضلعي ۾ احتجاج ۽ عوامي ميڙاڪن تي پابندي لڳائي وئي آهي، جڏهن ته ڪرفيو جي خلاف ورزي ڪندڙن کي سيڪيورٽي فورسز کي گولي مارڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.واضح رهي ته بير گنج شهر نيپال ۽ ڀارت وچ ۾ واپار جي حوالي سان تمام گهڻو اهم آهي.

مزید خبریں