واشنگٽن -07 جنوري(اي پي پي)وائيٽ هائوس جو چوڻ آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس ٽيم گرين لينڊ کي حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف آپشنز تي ڳالهيون ڪري رهي آهي. ان مقصد لاءِ آمريڪي فوج جي استعمال جو به امڪان آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آرڪٽڪ خطي ۾ روس ۽ چين جي دلچسپي لڳاتار وڌي رهي آهي.گرين لينڊ کي هڪ اسٽريٽجڪ آمريڪي مرڪز بنائڻ جي صدر ٽرمپ جي خواهش ڪجهه ڏينهن ۾ …
گرين لينڊ کي حاصل ڪرڻ، فوج جي استعمال سميت مختلف آپشنز غور هيٺ آهن: وائيٽ هائوس

مزید خبریں
واشنگٽن -07 جنوري(اي پي پي)وائيٽ هائوس جو چوڻ آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس ٽيم گرين لينڊ کي حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف آپشنز تي ڳالهيون ڪري رهي آهي. ان مقصد لاءِ آمريڪي فوج جي استعمال جو به امڪان آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آرڪٽڪ خطي ۾ روس ۽ چين جي دلچسپي لڳاتار وڌي رهي آهي.گرين لينڊ کي هڪ اسٽريٽجڪ آمريڪي مرڪز بنائڻ جي صدر ٽرمپ جي خواهش ڪجهه ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر زور وٺي رهي آهي. خاص طور تي وينز ويلا جي صدر نڪولس مادورو جي آمريڪا ۾ گرفتاري کانپوءِ اها خواهش ٻيهر اڀري سامهون آئي آهي. گرين لينڊ بار بار چئي چڪو آهي ته هو آمريڪا جو حصو بڻجڻ نٿو چاهي. وائيٽ هائوس ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ چيو ته صدر ٽرمپ گرين لينڊ کي حاصل ڪرڻ آمريڪي قومي سلامي جي هڪ اهم ترجيح سمجهي ٿو جيڪو آرڪٽڪ خطي ۾ مخالف طاقتن کي روڪڻ لاءِ ضروري آهي. وائيٽ هائوس چيو آهي ته صدر ۽ سندس ٽيم ان اهم پرڏيهي پاليسي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف آپشنز تي غور ڪري رهي آهي ۽ يقينن سپريم ڪمانڊر جي اختيار ۾ آمريڪي فوج جو استعمال به هميشه موجود آهي. هڪ سينيئر آمريڪي عهديدار ٻڌايو ته گرين لينڊ کي حاصل ڪرڻ جي طريقن تي ڳالهه ٻولهه اوول آفيس ۾ جاري آهي ۽ مشير مختلف آپشنن تي غور ڪري رهيا آهين. هن چيو ته نيٽو جي اڳواڻن پاران گرين لينڊ جي ڀرپور حمايت تي ٻڌل سخت بيان به ٽرمپ کي ان ارادي کان پري نٿا ڪري سگهن.











