وينزويلا تي ڪو پرڏيھي ايجنٽ حڪمراني ناھي ڪري رھيو: وقتي صدر

ڪراڪس-07 جنوري (اي پي پي) وينزويلا جي وقتي صدر ڊيلسي روڊ ريگز صدر نڪولس مادورو ۽ سندس گھرواريءَ جي آمريڪي فوج طرفان گرفتاري واري قدم جي مذمت ڪندي چيو آھي ته ڏکڻ آمريڪي ملڪ تي ڪو پرڏيھي ايجنٽ حڪمراني ناھي ڪري رھيو. پرڏيھي ميڊيا مطابق گذريل ڏينھن گادي واري شھر ڪراڪس ۾ ھڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان عوام سان گڏ حڪومت ڪري رھيا آھيون. وينزويلا تي …

ڪراڪس-07 جنوري (اي پي پي) وينزويلا جي وقتي صدر ڊيلسي روڊ ريگز صدر نڪولس مادورو ۽ سندس گھرواريءَ جي آمريڪي فوج طرفان گرفتاري واري قدم جي مذمت ڪندي چيو آھي ته ڏکڻ آمريڪي ملڪ تي ڪو پرڏيھي ايجنٽ حڪمراني ناھي ڪري رھيو. پرڏيھي ميڊيا مطابق گذريل ڏينھن گادي واري شھر ڪراڪس ۾ ھڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان عوام سان گڏ حڪومت ڪري رھيا آھيون. وينزويلا تي رڳو وينزويلا جي حڪومت، حڪمراني ڪري ٿي، ٻيو ڪير نه. اسان جي ملڪ تي ڪو پرڏيھي ايجنٽ حڪومت ناھي ڪري رھيو. ڊيلسي روڊ ريگز چيو ته صدر مادورو جي گرفتاري لاءِ ڪيل آمريڪي فوجي آپريشن دوران گادي واري شھر ڪراڪس تي بمباري باوجود وينزويلا جو عوام پنھنجي وطن جي دفاع لاءِ پرعزم ۽ ثابت قدم آھي. ھن آمريڪي حملن ۾ مارجي ويلن کي خراج عقيدت پيش ڪندي اعلان ڪيو ته صدر ۽ سندس گھرواريءَ جي آمريڪي تحويل مان آزادي لاءِ سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاھرا منعقد ڪيا ويندا. وقتي صدر چيو ته آمريڪي جارحيت باوجود وينزويلا جو پيداواري، پهچ ۽ روانگي واپار وارو نظام دستور موجب فعال آھي.

مزید خبریں