شنگهائي-06 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي شنگهائي جي شهري رٿابندي هيڊ ڪوارٽر جو دؤرو ڪيو. شنگهائي اربن پلاننگ جي هيڊ ميڊم چن گهرو وزير محسن نقوي جو استقبال ڪيو. گهرو وزير کي شنگهائي شهر جي ماسٽر پلاننگ ڊولپمينٽ ۽ سهولتن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. گهرو وزير محسن نقوي کي شنگهائيءَ ۾ شهري سهولتن سان ترقي جي تيز رفتار نظام جي باري ۾ بريف …
گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پاران شنگهائي جي شهري رٿابندي جي هيڊ ڪوارٽر جو دؤرو

مزید خبریں
شنگهائي-06 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي شنگهائي جي شهري رٿابندي هيڊ ڪوارٽر جو دؤرو ڪيو. شنگهائي اربن پلاننگ جي هيڊ ميڊم چن گهرو وزير محسن نقوي جو استقبال ڪيو. گهرو وزير کي شنگهائي شهر جي ماسٽر پلاننگ ڊولپمينٽ ۽ سهولتن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. گهرو وزير محسن نقوي کي شنگهائيءَ ۾ شهري سهولتن سان ترقي جي تيز رفتار نظام جي باري ۾ بريف ڪيو ويو. گهرو وزير کي وڊيوز ۽ ماڊلز ذريعي شنگهائي جي ترقيءَ جو سفر ۽ ماسٽر پلان بابت آگاهه ڪيو ويو. هن شنگهائي جي جديد سهولتن سان تيار اسٽيڊيم جو ماڊل پڻ ڏٺو. محسن نقوي شنگهائي اربن پلاننگ تحت سموري معلومات کي جديد طرز تي گڏ ڪرڻ جي نظام ۾ گهري دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ تي ٻَڌل نظام جي ساراهه ڪئي. محسن نقوي شنگهائي اربن پلاننگ تحت شهر جي نظام کي مربوط ۽ فول پروف بنائڻ جي قدمن کي ساراهيو. گهرو وزير چيو ته شنگهائي شهر تيز ترين ترقيءَ ۾ پنهنجو مثال پاڻ آهي، شنگهائيءَ جي ترقي هر شهر لاءِ مثال آهي. هن چيو ته اسلام آباد کي به شنگهائي جي طرز تي ڊولپ ڪرڻ چاهيون ٿا، شنگهائي جي تيز رفتار ترقيءَ مان فائدو کڻڻ لاءِ فوري قدم کنيا ويندا. محسن نقوي وزيٽرز بُڪ ۾ تاثر به لکيا. گهرو معاملن وارو وفاقي سيڪريٽري خرم آغا، چيف ڪمشنر اسلام آباد محمدعلي رنڌاوا ۽ آءِ جي اسلام آباد پوليس علي ناصر رضوي به ان موقعي تي موجود هئا.











