واشنگٽن - 06 جنوري (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ واضح ڪيو آھي ته آمريڪا وينزويلا سان جنگ جي حالت ۾ نه آھي. جڏھن ته آمريڪا جون ڪارروائيون منشيات فروشن ۽ ڏوھه ڪندڙ عنصرن خلاف آھن. پرڏيھي ميڊيا مطابق ھڪ انٽرويو ۾ صدر ٽرمپ چيو ته، ”نه، اسان وينزويلا سان جنگ ڪري رھيا آهيون ۽ نه جنگ جي حالت ۾ آهيون. اسان انھن ماڻھن خلاف جنگ ڪري رھيا آھيون جيڪي …
آمريڪا، وينزويلا سان جنگ جي حالت ۾ ناھي: ڊونلڊ ٽرمپ

مزید خبریں
واشنگٽن – 06 جنوري (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ واضح ڪيو آھي ته آمريڪا وينزويلا سان جنگ جي حالت ۾ نه آھي. جڏھن ته آمريڪا جون ڪارروائيون منشيات فروشن ۽ ڏوھه ڪندڙ عنصرن خلاف آھن. پرڏيھي ميڊيا مطابق ھڪ انٽرويو ۾ صدر ٽرمپ چيو ته، ”نه، اسان وينزويلا سان جنگ ڪري رھيا آهيون ۽ نه جنگ جي حالت ۾ آهيون. اسان انھن ماڻھن خلاف جنگ ڪري رھيا آھيون جيڪي منشيات وڪرو ڪن ٿا ۽ جيڪي پنھنجي ملڪن جي جيلن، منشيات جي عادي ماڻھن ۽ ذھني مريضن کي اسان جي ملڪ اماڻي ڇڏيندا آھن. صدر ٽرمپ ان ڳالھه تي به زور ڀريو ته ايندڙ 30 ڏينھن دوران وينزويلا ۾ نيون چونڊون منعقد ٿيڻ ممڪن ناھن. سندس چوڻ ھو ته اسان کي پھرين ملڪ کي درست ڪرڻو پوندو. ان حالت ۾ چونڊون نه ٿيون ٿي سگھن ڇو ته عوام ووٽ ڏيڻ جي قابل ئي ناھي. ھن وڌيڪ چيو ته وينزويلا ۾ صورتحال جي بحالي ۾ وقت لڳندو ۽ آمريڪا کي ملڪ کي ”صحتمند حالت ۾ واپس آڻڻ“ لاءِ مرحليوار قدم کڻڻا پوندا. آمريڪي صدر جي ان بيان کانپوءِ وينزويلا جي صورتحال ۽ امڪاني سياسي اڳڀرائي بابت عالمي سطح تي ڳڻتي ۽ بحث جاري آھي.











