آڪٽوبر کانپوءِ ڊونلڊ ٽرمپ سان ڪو رابطو ناھي، وينزويلا جي اپوزيشن اڳواڻ ماريا ڪورينا ماچادو جو انڪشاف

واشنگٽن - 06 جنوري (اي پي پي)وينزويلا جي اپوزيشن اڳواڻ ۽ نوبل امن انعام ماڻيندڙ ماريا ڪورينا ماچادو چيو آھي ته آڪٽوبر 2025ع کانپوءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان سندس ڪا ڳالھه ٻولھه ناھي ٿي. پرڏيھي ميڊيا مطابق ھڪ پروگرام ۾ ڳالھائيندي هن ٻڌايو ته مان صدر ٽرمپ سان 10 آڪٽوبر تي ڳالھايو ھو، ساڳي ڏينھن نوبل انعام جو اعلان ٿيو ھو، ان کانپوءِ ڪو رابطو ناھي ٿيو. ماريا ڪورينا …

واشنگٽن – 06 جنوري (اي پي پي)وينزويلا جي اپوزيشن اڳواڻ ۽ نوبل امن انعام ماڻيندڙ ماريا ڪورينا ماچادو چيو آھي ته آڪٽوبر 2025ع کانپوءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان سندس ڪا ڳالھه ٻولھه ناھي ٿي. پرڏيھي ميڊيا مطابق ھڪ پروگرام ۾ ڳالھائيندي هن ٻڌايو ته مان صدر ٽرمپ سان 10 آڪٽوبر تي ڳالھايو ھو، ساڳي ڏينھن نوبل انعام جو اعلان ٿيو ھو، ان کانپوءِ ڪو رابطو ناھي ٿيو. ماريا ڪورينا ماچادو کي ناروي جي نوبل ڪميٽي وينزويلا ۾ آمريت خلاف جدوجھد تي نوبل امن انعام سان نوازيو ھو. ھوءَ گذريل مھيني انعام حاصل ڪرڻ لاءِ ناروي وئي ھئي ۽ ھن وقت تائين واپس ناھي آئي. انٽرويو دوران ماچادو چيو ته ھوءَ جلد وطن واپس ايندي. اھو سندس پھريون انٽرويو ھو جيڪو آمريڪا طرفان ڇنڇر ڏينھن وينزويلا ۾ ڪارروائي ۽ صدر نڪولس مادورو جي گرفتاري کانپوءِ سامھون آيو آهي. ماريا ڪورينا ماچادو آمريڪي قدمن کي ”انسانيت، آزادي ۽ انساني وقار لاءِ ھڪ وڏو قدم“ قرار ڏنو. ٻي پاسي وينزويلا جي نائب صدر ۽ تيل بابت وزير ڊيلسي روڊريگز عبوري صدر طور حلف کنيو، جڏھن ته آمريڪي ڪارروائي کانپوءِ ملڪ جي مستقبل جي قيادت بابت غير يقيني جي صورتحال برقرار رھي. واضح رھي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڇنڇر ڏينھن ماچادو کان سھڪار جي امڪان کي رد ڪندي چيو ھو ته کيس وينزويلا اندر نه حمايت حاصل آھي ۽ نه ئي احترام.

مزید خبریں