واشنگٽن - 6 جنوري (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته وينزيلا ۾ ايندڙ 30 ڏينهن دوران ڪي به چونڊون نه ڪرايون وينديون ڇو ته ملڪ جي صورتحال ان لاءِ موزون ناهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن هڪ انٽرويو دوران چيو ته اسان کي پهريان ملڪ کي ٺيڪ ڪرڻو پوندو. انهن حالتن ۾ چونڊون ممڪن ناهن. عوام ووٽ وجهڻ جي قابل ئي ناهي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته …
وينزويلا ۾ 30 ڏينهن اندر چونڊون نه ٿينديون: آمريڪي صدر

مزید خبریں
واشنگٽن – 6 جنوري (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته وينزيلا ۾ ايندڙ 30 ڏينهن دوران ڪي به چونڊون نه ڪرايون وينديون ڇو ته ملڪ جي صورتحال ان لاءِ موزون ناهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن هڪ انٽرويو دوران چيو ته اسان کي پهريان ملڪ کي ٺيڪ ڪرڻو پوندو. انهن حالتن ۾ چونڊون ممڪن ناهن. عوام ووٽ وجهڻ جي قابل ئي ناهي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪي انتظاميه وينزويلا جي توانائي جي شعبي جي بحالي لاءِ آمريڪي تيل ڪمپنين کي سبسڊي فراهم ڪري سگهي ٿي. سندس چوڻ هو ته توانائي جي بنيادي ڍانچي جي نئين سر تعمير 18 مهينن کان گهٽ عرصي ۾ مڪمل ڪري سگهجي ٿي، پر ان تي ڳري لاڳت ايندي. هن واضع ڪيو ته آمريڪا وينزويلا سان جنگ ۾ ناهي. صدر ٽرمپ مطابق “ اسان منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف جنگ وڙهي رهيا آهيون ۽ انهن عنصرن خلاف ڪاروائي ڪري رهيا آهيون جيڪي ڏوهارين ۽ بدامني کي هٿي ڏئي رهيا آهن . اهو بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن ٻه ڏينهن اڳ وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو کي آمريڪي فوج گادي واري شهر ڪراڪس کان حراست ۾ ورتو هو. صدر ٽرمپ مطابق آمريڪي مداخلت جي نگراني پرڏيهي وزير مارڪو روبيو، دفاع وارو وزير پيٽ هيگسٿ، وائيٽ هائوس جو نائب چيف آف اسٽاف اسٽيفين ملر ۽ نائب صدر جي ڊي وينس ڪندا.











