ڪنگ فيصل ايوارڊ 2026ع جي فاتحن جو اعلان 7 جنوري تي ڪيو ويندو

 رياض - 6 جنوري(اي پي پي)ڪنگ فيصل ايوارڊ سال 2026ع جي فاتحن جو اعلان اربع 7 جنوري تي ڪيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايوارڊ لاءِ قائم خصوصي ڪميٽين گادي واري شهر رياض ۾ اجلاس ڪيو. شهزاده ترڪي الفيصل رياض جي الفيصليه سينٽر جي پرنس سلطان گرينڊ هال ۾ پنجن مختلف شعبن ۾ فاتحن جي نالن جو اعلان ڪندو. شهزاده ترڪي الفيصل ان ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت به ڪندو جنهن …

 رياض – 6 جنوري(اي پي پي)ڪنگ فيصل ايوارڊ سال 2026ع جي فاتحن جو اعلان اربع 7 جنوري تي ڪيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايوارڊ لاءِ قائم خصوصي ڪميٽين گادي واري شهر رياض ۾ اجلاس ڪيو. شهزاده ترڪي الفيصل رياض جي الفيصليه سينٽر جي پرنس سلطان گرينڊ هال ۾ پنجن مختلف شعبن ۾ فاتحن جي نالن جو اعلان ڪندو. شهزاده ترڪي الفيصل ان ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت به ڪندو جنهن ۾ اسلام جي خدمت جي شعبي جي فاتحن جو اعلان ڪيو ويندو. ڪنگ فيصل ايوارڊ جنرل سيڪريٽريٽ هن سال ايوارڊ لاءِ ” اسلامي علم جي شعبي ۾ اسلامي دنيا ۾ واپاري رستي، عربي ٻولي ۽ ادب، فرانس ۾ عربي ادب، طب ۾ ٿولهه جي علاج کي تبديل ڪندڙ دريافتن ۽ سائنس جي شعبي ۾ ميٿميٽڪس جي موضوع جي چونڊ ڪئي آهي. جڏهن ته اسلام جي خدمت هڪ اعزازي ايوارد آهي جيڪو اسلام، مسلمانن ۽ انسانيت لاءِ غير معمولي خدمتن جي اعتراف طور آهي. ڪنگ فيصل ايوارڊ لاءِ اميدوارن جون نامزدگيون يونيورسٽين، تحقيقي مرڪزن ۽ سائنسي ادارن جي حوالي سان قبول ڪيون وينديون آهن.

مزید خبریں