مصر جي صدر ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزير جي ملاقات. علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

 قاهره-6 جنوري (اي پي پي)مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي قاهره جي صدارتي پيلس ۾ سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان جي آجيان ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ملاقات ۾ شهزاده فيصل بن فرحان سعودي عرب جي قيادت جو مبارڪن وارو پيغام پهچايو. ملاقات ۾ سعودي عرب ۽ مصر وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن، تازي علائقائي ۽ عالمي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل …

 قاهره-6 جنوري (اي پي پي)مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي قاهره جي صدارتي پيلس ۾ سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان جي آجيان ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ملاقات ۾ شهزاده فيصل بن فرحان سعودي عرب جي قيادت جو مبارڪن وارو پيغام پهچايو. ملاقات ۾ سعودي عرب ۽ مصر وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن، تازي علائقائي ۽ عالمي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان قاهره ۾ مصر جي هم منصب ڊاڪٽر بدر العاطي سان به ملاقت ڪئي. سعودي عرب ۽ مصر وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ انهن کي وڌائڻ ۽ ترقي ڏيارڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن خاص طورتي غزه پٽي، يمن، سوڊان ۽ صوماليه سميت تازو علائقائي ۽ عالمي صورتحال، گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون. ان موقعي تي مصر ۾ سعودي عرب جو سفير صالح بن عيد الحصيني ۽ پرڏيهي وزير جي آفيس جو ڊائريڪٽر جنرل وليد اسماعيل به موجود هو.

مزید خبریں