سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر جي اڳواڻي ۾ سينيٽ جو اعليٰ سطحي پارلياماني وفد 20 جنوري کان آمريڪا جو سرڪاري دورو ڪندو

اسلام آباد -05 جنوري (اي پي پي) سينيٽ آف پاڪستان جو اعليٰ سطحي پارلياماني وفد سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سينيٽر سيدال خان ناصر جي اڳواڻي ۾ 20 کان 25 جنوري تائين آمريڪا جو سرڪاري دورو ڪندو، جيڪو آمريڪا ۽ پاڪستان جي پارلياماني لاڳاپن ۾ هڪ تاريخي سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو ۽ ٽرانس اٽلانٽڪ لاڳاپن ۾ هڪ نئين اداراه جاتي بابت جي شروعات ڪندو. پاڪستان پاليسي انسٽيٽيوٽ  يو ايس …

اسلام آباد -05 جنوري (اي پي پي) سينيٽ آف پاڪستان جو اعليٰ سطحي پارلياماني وفد سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سينيٽر سيدال خان ناصر جي اڳواڻي ۾ 20 کان 25 جنوري تائين آمريڪا جو سرڪاري دورو ڪندو، جيڪو آمريڪا ۽ پاڪستان جي پارلياماني لاڳاپن ۾ هڪ تاريخي سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو ۽ ٽرانس اٽلانٽڪ لاڳاپن ۾ هڪ نئين اداراه جاتي بابت جي شروعات ڪندو. پاڪستان پاليسي انسٽيٽيوٽ  يو ايس اي جي انتظام هيٺ هن دوري ۾ پهريون ڀيرو باضابطا آمريڪا پاڪستان بين الپارليامين گروپ آءِ پي جي جي شموليت ٿيندي جيڪا اسٽريٽجڪ ۽ غير روايتي پارلياماني سفارتڪاري ذريعي حاصل ڪئي وئي، اڳڀرائي جي نمائندگي ڪندي ۽ سڌي ريت قانون ساز اسيمبلي ذريعي جمهوري ادارن کي مضبوط بڻائڻ جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪندي. هي قدم اهم عالمي ۽ علائقائي تبديلي وقت سامهون آيا آهن، خاص طور تي ڏکڻ ايشيا ۽ وچ اوڀر ۾ جتي پارلياماني ادارن جي ڳالهه ٻولهه، استحڪام ۽ جمهوري طرز حڪمراني کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردارن طور تسليم ڪيو پيو وڃي، هي دورو هڪ واضح اسٽريٽجڪ مقصد سان ڪيو پيوو ڃي، آمريڪي ڪانگريس ۽ سينيٽ آف پاڪستان وچ ۾ هڪ مستقل بين الپارلياماني ڳالهين جو طريقيڪار قائم ڪرڻ، جمهوري قدرن، قانون سازي جي بهترين طريقن ۽ پارلياماني نگراني کي هٿي ڏيڻ، روايتي انتظامي سطح جي سفارتڪاري کان اڳتي اداره جاتي تعاون کي مضبوط ڪرڻ ۽ علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جي پارلياماني نقطئه نظر کي پيش ڪرڻ لاءِ پاڪستاني آمريڪي  شهرين سان رابطن کي هٿي ڏيڻ ۽ سائنسي، ثقافتي ۽ پاليسي تعاون کي اڳتي وڌائڻ آهي. هي دورو تاريخ سازي طرف اشارو ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته پاڪستان آمريڪا لاڳاپن جي 77 سالن جي تاريخ ۾ ڪنهن به اڳوڻي پاڪستاني پارلياماني وفد ڪانگريس جي سرپرستي ۾ ري برن باس آفيس بلڊنگ اندر باضابطا طور مصروفيتون نه ڪيون.  هن دوري ۾ نيشنل پريس ڪلب، واشنگٽن ڊي سي ۾ پريس ڪانفرنس ۽ ميڊيا جي مصروفيتن ۽ نيوجرسي ۾ ڪميونٽي ۽ پاليسي آجياڻي ۾ شامل هوندو. اميد آهي ته ان دوري سان باقاعده پارلياماني مٽاسٽا، بهتري قانون سازي تعاون ۽ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ هڪ پائيدار اداره جاتي حصيدار جو بنياد رکيو ويندو جيڪو گڏيل احترام، جمهوري اصولن ۽ ڊگهي مدي جي اسٽريٽجڪ مصروفيتن تي ٻڌل آهي.

مزید خبریں