شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هڪ دور انديش، ڪرشماتي ۽ عوام دوست اڳواڻ هو جنهن پاڪستان جي سياسي، آئيني ۽ دفاعي تاريخ کي نئون رخ ڏنو: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي-05 جنوري (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڀرپور خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هو هڪ دور انديش، ڪرشماتي ۽ عوام دوست اڳواڻ هو جنهن پاڪستان جي سياسي، آئيني ۽ دفاعي تاريخ کي نئون رخ ڏنو. پيپلز سيڪريٽريٽ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 98هين سالگرهه جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير ضلعي اوڀر جي …

ڪراچي-05 جنوري (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڀرپور خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هو هڪ دور انديش، ڪرشماتي ۽ عوام دوست اڳواڻ هو جنهن پاڪستان جي سياسي، آئيني ۽ دفاعي تاريخ کي نئون رخ ڏنو. پيپلز سيڪريٽريٽ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 98هين سالگرهه جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير ضلعي اوڀر جي منتظمن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني چيئرمين جي سالگرهه تي ڪارڪنن ۽ حمايتين کي مبارڪون ڏنيون. چيف منسٽر هائوس مان جاري پريس رليز موجب تقريب ۾ صوبائي وزير سعيد غني، سينيٽر وقار مهدي سميت ڪيترائي اڳواڻ ۽ ڪارڪن وڏي انگ ۾ موجود هئا. سيد مراد علي شاهه چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 5 جنوري 1928ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو ۽ ان وقت ڪنهن کي به اندازو نه هو ته اهو ٻار مستقبل ۾ اهڙو عظيم اڳواڻ بڻجندو جنهن جون خدمتون نسلن تائين ياد رکبيون. وڏي وزير چيو ته شاگردي جي دور ۾ به شهيد ڀٽو قائداعظم محمد علي جناح کي خط لکي ملڪ لاءِ قرباني ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو هو. هن چيو ته وزيراعظم بڻجڻ کانپوءِ به شهيد ڀٽو کلي عام چيو هو ته هو پاڪستان لاءِ پنهنجي جان، بلڪه پنهنجن ٻارن جي قرباني ڏيڻ لاءِ به تيار آهي. مراد علي شاهه ڀٽو خاندان جي قربانين کي ساراهيندي چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شهيد شاهنواز ڀٽو جمهوريت ۽ عوامي حقن جي جدوجهد ۾ شهادت ماڻي. شهيد ڀٽو جي تاريخي ڪاميابين جو ذڪر ڪندي وڏي وزير چيو ته هن ملڪ کي 1973ع جو آئين ڏنو، اوڀر پاڪستان جي ڌار ٿيڻ کانپوءِ 90 هزار جنگي قيدين جي آزادي يقيني بڻائي ۽ پاڪستان جي دفاعي بنيادن کي مضبوط ڪيو. هن چيو ته اڄ پاڪستان جون ٽئي هٿياربند فوجون مضبوط دفاعي صلاحيتون رکن ٿيون، جيڪو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪمت عملي جو نتيجو آهي1977ع  جي سياسي حالتن جو حوالو ڏيندي وڏي وزير چيو ته شهيد ڀٽو خلاف تحريڪ انهن قوتن جي سهڪار سان هلائي وئي جن ڪنهن به مسلمان ملڪ کي مضبوط ۽ متحد ڏسڻ نٿي چاهيو. هن چيو ته شهيد ڀٽو مسلم دنيا کي متحد ڪرڻ جي سگهه رکندو هو، ان ڪري کيس خطرو سمجهيو ويو. سيد مراد علي شاهه ياد ڏياريو ته شهيد ڀٽو لاهور ۾ اسلامي سربراهي ڪانفرنس ڪوٺائي جنهن ۾ مسلمان ملڪن جي اڳواڻن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو. هن قومي اسيمبلي ۾ شهيد ڀٽو جي تاريخي تقرير جو به حوالو ڏنو، جنهن ۾ ڀٽو چيو هو ته هن عوام کي اهو آواز ڏنو، جيڪو اڳ نظرانداز ٿيندو رهيو. ذاتي ياد ونڊيندي وڏي وزير چيو ته جڏهن هو ننڍو هو ته پنهنجي والد سان گڏ هڪ مقامي سردار وٽ ويو جتي سوين ماڻهو زمين تي ويٺل هئا ۽ رڳو ڪجهه ماڻهن لاءِ ڪرسيون هيون. ڪجهه وقت کانپوءِ ٻيهر وڃڻ تي ڏٺو ته سڀ ماڻهو ڪرسيءَ تي ويٺل هئا، جيڪو شهيد ڀٽو جي دور ۾ عام ماڻهن کي مليل عزت ۽ بااختياري جو ثبوت هو. هن چيو ته چونڊن دوران پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪري ئي عام ڪارڪن امير ۽ طاقتور اميدوارن کي شڪست ڏئي ٿو. وڏي وزير چيو شهيد ڀٽو اسان کي سيکاريو ته اصل طاقت عوام جي ووٽ ۾ آهي، ۽ عوام ئي فيصلو ڪري ٿو ته ڪير حڪمراني ڪندو ۽ ڪير خدمت ڪندو. مراد علي شاهه چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هميشه انسانيت جي خدمت کي ترجيح ڏني، ۽ اهو ئي مشن شهيد محترمه بينظير ڀٽو اڳتي وڌايو. هن وڌيڪ چيو ته صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پارٽي عوامي خدمت جو اهو مشن جاري رکندي. وڏي وزير چيو ته شهيد ڀٽو پاڻ به پيپلز سيڪريٽريٽ اچي ويهندو هو. هن چيو ته جيڪي ماڻهو ڀٽو کي ياد ڪرڻ چاهين ٿا، اهي لاڙڪاڻي يا پيپلز سيڪريٽريٽ جو دورو ڪن، ڇو ته اهي جڳهون سندس ورثي جون علامتون آهن. تقريب جي پڄاڻي تي وڏي وزير منتظمين کي ڪامياب تقريب تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هميشه تاريخ ۾ زنده رهندو. هن چيو جيستائين انسانيت زنده آهي، انسانيت جي خدمت ڪندڙ ۽ عوام کي آواز ڏيندڙ ڪڏهن به ناهن مرندا. ڀٽو زنده آهي ۽ هميشه زنده رهندو. تقريب کي صوبائي وزير سعيد غني ۽ سينيٽر وقار مهدي به خطاب ڪيو جڏهن ته آخر ۾ وڏي وزير ٻين اڳواڻن سان گڏ پارٽي جي باني جي سالگره جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو.