نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير سوگيونو سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد - 05 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وطن واپس پهچڻ کانپوءِ انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير سوگيونو سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن پاڪستان – انڊونيشيا لاڳاپن جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو ۽ گهڻ رخي فورمز بشمول او آءِ سي ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن موجوده عالمي صورتحال …

اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وطن واپس پهچڻ کانپوءِ انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير سوگيونو سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن پاڪستان – انڊونيشيا لاڳاپن جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو ۽ گهڻ رخي فورمز بشمول او آءِ سي ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن موجوده عالمي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي جن ۾ صوماليه جي صورتحال ۽ غزه ۾ پائيدار امن جي لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوششون شامل آهن، ٻنهي اڳواڻن اهم عالمي معاملن تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں