ڪنگ سلمان رليف سنٽر سڄي دنيا ۾ انساني ڀلائي لاءِ سرگرم آهي: سردار محمد يوسف

اسلام آباد-05 جنوري (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته ڪنگ سلمان رليف سنٽر سڄي دنيا ۾ انساني ڀلائي لاءِ سرگرم آهي جنهن ۾ پاڪستان به نمايان طور تي شامل آهي، شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي پاڪستاني عوام سان بي لوث محبت ۽ همدردي مثالي آهي. هن سعودي سفارتخاني ۾ شاهه سلمان رليف سنٽر طرفان 22 …

اسلام آباد-05 جنوري (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته ڪنگ سلمان رليف سنٽر سڄي دنيا ۾ انساني ڀلائي لاءِ سرگرم آهي جنهن ۾ پاڪستان به نمايان طور تي شامل آهي، شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي پاڪستاني عوام سان بي لوث محبت ۽ همدردي مثالي آهي. هن سعودي سفارتخاني ۾ شاهه سلمان رليف سنٽر طرفان 22 هزار مستحق خاندانن لاءِ سياري جي امدادي پيڪيج جاري ڪرڻ جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. مذهبي معاملن واري وزير چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان وچ ۾ لاڳاپا ڀائي چاري، محبت ۽ اعتماد تي ٻڌل آهن، سعودي عرب، هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ته ڪنگ سلمان رليف سنٽر سڄي دنيا ۾ انساني فلاح ۽ بهبود لاءِ سرگرم آهي جنهن ۾ پاڪستان به نمايان طور تي شامل آهي، منصوبي تحت سڄي ملڪ جي مستحق خاندانن ۾ 22 هزار سياري جون ڪٽس ورهايون پيون وڃن جنهن سان لڳ ڀڳ هڪ لک 54 هزار ماڻهو فائدو حاصل ڪندا، امدادي پيڪيج ۾ 2 ڪمبل، سڄي خاندان جي سردي جا ڪپڙا، سويٽر، گرم جرابون ۽ ٽوپيون شامل آهن. هن چيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي، رورل اسپورٽ ۽ مقامي انتظاميه ذريعي ورهاست جو عمل مڪمل ڪيو ويندو، اهي قدم مملڪت سعودي عرب جي انساني امداد جي اداري ڪنگ سلمان رليف سنٽر جي سهڪار سان پاڪستان جي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي سهڪار سان عمل ۾ آندو پيو وڃي. هن چيو ته اهو منصوبو خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي پاڪستاني عوام سان بي لوث محبت ۽ همدردي جو مظهر آهي، سعودي سفير نواف سعيد المالڪي جو خاص طور تي شڪريو ادا ڪريون ٿا. هن چيو ته سعودي عرب جي سهڪار تي شڪريو ادا ڪريون ٿا، اخوت ۽ محبت جو اهو عمل ٻنهي ملڪن جي عوام ۽ حڪومتن کي وڌيڪ ويجهو ڪندو. پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ وڌيڪ مضبوط لاڳاپا، امن ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعاگو آهيان.

مزید خبریں