اسلام آباد -05 جنوري (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئر پرسن سينيٽر روبينه خالد چيو آهي، ته سوشل پروٽيڪشن والٽ لاءِ سم بلڪل مفت فراهم ڪئي پئي وڃي. بي آءِ ايس پي جون سموريون سهولتون مڪمل طور مفت آهن، عوام کي اپيل آهي ته جيڪڏهن ڪو بي آءِ ايس پي جي نالي تي جعلسازي يا لٽ مار ڪري رهيو آهي ته ان جي نشاندهي ڪئي وڃي ته …
سوشل پروٽيڪشن والٽ لاءِ سم بلڪل ڀري آهي، بي آءِ ايس پي جون سموريون سهولتون مڪمل طور مفت آهن: روبينه خالد

مزید خبریں
اسلام آباد -05 جنوري (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئر پرسن سينيٽر روبينه خالد چيو آهي، ته سوشل پروٽيڪشن والٽ لاءِ سم بلڪل مفت فراهم ڪئي پئي وڃي. بي آءِ ايس پي جون سموريون سهولتون مڪمل طور مفت آهن، عوام کي اپيل آهي ته جيڪڏهن ڪو بي آءِ ايس پي جي نالي تي جعلسازي يا لٽ مار ڪري رهيو آهي ته ان جي نشاندهي ڪئي وڃي ته جيئن ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. اهڙو اظهار هن ڪراچي ۾ تعلقي آفيس آرام باغ ڊسٽرڪٽ سائوٿ ۽ ڊائنامڪ رجسٽري سينٽر جي دوري جي موقعي تي ڪيو. سينيٽر روبينه خالد ڊائنامڪ رجسٽري سينٽر ۾ موجود عورتن سان سڌي ريت ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ سندن مسئلا ٻڌا. هن عورتن کي هدايت ڪئي ته هو جلد کان جلد سوشل پروٽيڪشن والٽ لاءِ فراهم ڪيل سم حاصل ڪن ته جيئن ادائگين ۾ شفافيت ۽ سهولت کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پاڪستان جو سڀ کان وڏو سماجي تحفظ وارو پروگرام آهي. پيپلز پارٽي جي قيادت چاهي ٿي ته عورتن کي ادائگيون مڪمل شفافيت سان ڪيون وڃن. هن چيو ته فراڊ ۽ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ سوشل پروٽيڪشن والٽ متعارف ڪرايو ويو آهي، جنهن تحت دنيا ۾ پهريون ڀيرو هڪ ڪروڙ عورتن لاءِ ڊجيٽل اڪائونٽس کوليا پيا وڃن. سينيٽر روبينه خالد چيو ته ماڻهن کي معاشي طور خودمختيار بڻائڻ لاءِ بينظير هنرمند پروگرام شروع ڪيو ويو آهي، جنهن تحت عورتن ۽ ٻارن کي جديد تربيتي ڪورسز ڪرايا ويندا. هن چيو ته بي آءِ ايس پي اهڙو پروگرام آهي جنهن مان اڄ پوري دنيا سکي رهي آهي، هن چيو ته ماضي ۾ پاليسي تحت ڪلاس چار تائين حقدار سرڪاري ملازم به فائدو حاصل ڪندا رهيا پر هاڻي ايئن ناهي، هاڻي هر 3 سالن کان پوءِ ٻيهر سروي شروع ڪئي ويندي جيڪو معاشي طور بهتر هوندو، اهو پروگرام جو حصو نه رهندو ته جيئن پروگرام ۾ وڌيڪ حقدارن کي شامل ڪري سگهجي. هن چيو ته دنيا فاني آهي ۽ اسان کي پنهنجي هر عمل جو جواب الله پاڪ کي ڏيڻو پوندو، انهي لاءِ بيوس ۽ مجبور عورتن جي حق تلفي نه ڪئي وڃي، پر سندن سهارو بڻجون.











