بيجنگ - 05 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 3 کان 5 جنوري 2026ع تي چين جي ڪامياب دوري کانپوءِ بيجنگ کان پاڪستان جي لاءِ روانو ٿي ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير 2026ع ۾ پهريون پرڏيهي وزير هو جنهن کي چيني پرڏيهي وزير وانگ يي ملاقات جي لاءِ دعوت ڏني هئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب دوري دوران نائب وزيراعظم ۽ …
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چين جي ڪامياب دوري کانپوءِ پاڪستان جي لاءِ واپس روانو

مزید خبریں
بيجنگ – 05 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 3 کان 5 جنوري 2026ع تي چين جي ڪامياب دوري کانپوءِ بيجنگ کان پاڪستان جي لاءِ روانو ٿي ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير 2026ع ۾ پهريون پرڏيهي وزير هو جنهن کي چيني پرڏيهي وزير وانگ يي ملاقات جي لاءِ دعوت ڏني هئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب دوري دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پرڏيهي وزير وانگ يي سان گڏجي ستين پاڪستان – چين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي گڏيل صدارت ڪئي. ان کانسواءِ هن چين جي ايگزيڪيوٽو نائب وزيراعظم ڊنگ شيوي شيانگ، ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي عالمي شعبي واري وزير ليوهائي شنگ، چائنا انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي جي چيئرمين چن شيائو ڊونگ ۽ چائنا من ميٽلز ڪارپوريشن جي نائب صدر شوجي چينگ سان پڻ ملاقاتون ڪيون. ان دوري دوران پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه جي سلسلي ۾ يادگاري تقريبن جي باضابطا شروعات پڻ ڪئي وئي.











