قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان تحريڪ انصاف جي چيف وهپ جي ملاقات، مخالف ڌر جي اڳواڻ جي مقرري جي حوالي سان معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد-05 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان تحريڪ انصاف جي چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر ملاقات ڪئي، جنهن ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي مقرري جي حوالي سان معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ موجب عامر ڊوگر، مخالف ڌر جي اڳوڻي اڳواڻ عمر ايوب سان لاڳاپيل ڪيسن جا دستاويز  عدالت کان واپس وٺي  اسيمبلي ۾ پيش ڪيا. …

اسلام آباد-05 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان تحريڪ انصاف جي چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر ملاقات ڪئي، جنهن ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي مقرري جي حوالي سان معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ موجب عامر ڊوگر، مخالف ڌر جي اڳوڻي اڳواڻ عمر ايوب سان لاڳاپيل ڪيسن جا دستاويز  عدالت کان واپس وٺي  اسيمبلي ۾ پيش ڪيا. عامر ڊوگر، اسپيڪر سردار اياز صادق کان هڪ ڀيرو ٻيهر محمود اچڪزئي کي مخالف ڌر جو اڳواڻ بڻائڻ جو مطالبو ڪيو. اسپيڪر چيو ته هر ڪم قاعدي ۽ قانون ۽ آئين مطابق ٿيندو. قومي اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾ ان معاملي تي ايوان کي آگاهه ڪندس. مخالف ڌر جي اڳواڻ جي مقرري سان لاڳاپيل نئين سر طريقيڪار شروع ڪيو ويندو. مخالف ڌر جي اڳواڻ جي مقرري سان لاڳاپيل قومي اسيمبلي جا قاعدا واضح آهن.

مزید خبریں