ڪراچي-05 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري خوداراديت واري حق جي ڏهاڙي تي ڪشميري عوام جي نالي پنھنجي پيغام ۾ چيو آھي تھ ڪشميري عوام کي گڏيل قومن جي ٺھرائن موجب سندن جائز ۽ تسليم ٿيل خوداراديت وارو حق ڏنو وڃي. ھن وڌيڪ چيو تھ پاڪستان ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت ھر فورم تي جاري رکندو. عالمي برادري ڪشميري عوام سان …
ڪشميري عوام کي گڏيل قومن جي ٺھرائن موجب سندن جائز ۽ تسليم ٿيل خوداراديت وارو حق ڏنو وڃي: سنڌ جو گورنر
ڪراچي-05 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري خوداراديت واري حق جي ڏهاڙي تي ڪشميري عوام جي نالي پنھنجي پيغام ۾ چيو آھي تھ ڪشميري عوام کي گڏيل قومن جي ٺھرائن موجب سندن جائز ۽ تسليم ٿيل خوداراديت وارو حق ڏنو وڃي. ھن وڌيڪ چيو تھ پاڪستان ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت ھر فورم تي جاري رکندو. عالمي برادري ڪشميري عوام سان ڪيل واعدو پورو ڪري ۽ ھندستاني ظلمن جو نوٽيس وٺي. ھن چيو تھ ڪشمير جي آزادي تائين ڪشميري عوام سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي بيٺل رھنداسين. خوداراديت واري حق جو ڏينھن ڪشميري عوام جي جدوجھد ۽ قربانين جي ياد ڏياري ٿو











