اسان جي ملڪ ۾ ٽيلنٽ جي کوٽ ناهي، ماحولياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ نوجوانن کي تيار ڪرڻو آهي:  وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه

اسلام آباد -05 جنوري (اي پي پي)  انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه چيو آهي، ته ملڪ ۾ ٽيلنٽ جي کوٽ ناهي، ماحولياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ نوجوانن کي تيار ڪرڻو آهي، حڪومت نوجوانن کي صحيح رخ تي گامزن ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. اسان جي ڪوشش آهي ته نوجوانن کي معاشي طور تي خودمختيار بڻايون. حق جي ويڙهه ۾ اسان جي نوجوانن …

اسلام آباد -05 جنوري (اي پي پي)  انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه چيو آهي، ته ملڪ ۾ ٽيلنٽ جي کوٽ ناهي، ماحولياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ نوجوانن کي تيار ڪرڻو آهي، حڪومت نوجوانن کي صحيح رخ تي گامزن ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. اسان جي ڪوشش آهي ته نوجوانن کي معاشي طور تي خودمختيار بڻايون. حق جي ويڙهه ۾ اسان جي نوجوانن سائبر سيڪيورٽي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. انهن خيالن جو اظهار هن او آءِ سي ڪامسٽيڪ جي انتظام هيٺ 19هين براق اسپيس ڪيمپ جي پڄاڻي واري تقريب ۾ مهمان خاص طور خطاب ڪندي ڪيو.  وفاقي وزير چيو ته براق اسپيس ڪيمپ 29 ڊسمبر 2025ع تي ڪامسٽيڪ سيڪريٽريٽ ۾ شروع ٿي هئي، 40 شارٽ لسٽ شاگردن ڪاميابي سان تربيت مڪمل ڪئي آهي. اوهان جهڙا ٻار اسان جي ملڪ جو قيمتي سرمايو ۽ مستقبل آهن. هن ڪامياب ڪيمپ جي بندوبست تي مبارڪون ڏيندي  چيو ته اسان جي ملڪ کي نوجوان قيادت جي ضرورت آهي، ملڪ ۾ ٽيلنٽ جي کوٽ ناهي. هن چيو ته ماحولياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ نوجوانن کي تيار ڪرڻو آهي، اسان جي 15 ڪروڙ آبادي نوجوانن تي مشتمل آهي، هن جو چوڻ هو ته حڪومت نوجوانن کي صحيح رخ تي گامزن ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، کين مختلف شعبن ۾ ٽريننگ ڏ ني پئي وڃي، آءِ ٽي شعبي ۾ ٻارن کي مختلف تربيتي ڪورسز ڪرايا پيا وڃن. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته نوجوانن کي معاشي طور پاڻ ڀرو بڻايو. اسان ڊجيٽل پاڪستان طرف وڃي رهيا آهيون، ان سان ماڻهن لاءِ ڊيٽا ۾ آساني ٿيندي. هن چيو ته تيز ترين انٽرنيٽ سروس بحالي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، اسان وٽ سڀ کان گهٽ لو اسپيڪٽرم موجود آهي.  ڪجهه مهينن ۾ فائيو جي انٽرنيٽ سروس کي لانچ ڪري رهيا آهيون. هن جو چوڻ هو ته انٽرنيٽ کان سواءِ زندگي جي ترقي ناممڪن آهي، ان ڪم ۾ آسانيون پيدا ڪيون آهن، انٽرنيٽ سروس سان گڏ انسان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. وفاقي وزير چيو ته اسان جي ملڪ جي آبادي ۾ روزاني جي بنياد تي اضافو ٿي رهيو آهي. شزا فاطمه خواجه چيو ته حق جي ويڙهه ۾ اسان جي نوجوانن سائبر سيڪيورٽي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، نوجوانن تي خرچ ڪرڻ اصل سيڙپڪاري آهي، هن سال فري لاسننگ جي شعبي ۾ 91 سيڪڙو اضافو ٿيو، نوجوان ملڪي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

مزید خبریں