ڪشمير عوام جي خوداراديت واري حق جي جدوجهد ستن ڏهاڪن کان جاري آهي: فيصل ڪريم ڪنڊي

پشاور -05 جنوري (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي، ته ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق جي جدوجهد ستن ڏهاڪن گذرڻ باوجود اڄ به پوري طاقت سان جاري آهي، جڏهن ته گڏيل قومن جا ٺهراءَ اثرائتا ۽ قابل عمل آهن. انهن خيالن جو اظهار هن  گذريل ڏينهن ڪشميرين جي خوداراديت واري حق جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو.  گورنر چيو ته ڀارت پاران …

پشاور -05 جنوري (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي، ته ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق جي جدوجهد ستن ڏهاڪن گذرڻ باوجود اڄ به پوري طاقت سان جاري آهي، جڏهن ته گڏيل قومن جا ٺهراءَ اثرائتا ۽ قابل عمل آهن. انهن خيالن جو اظهار هن  گذريل ڏينهن ڪشميرين جي خوداراديت واري حق جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو.  گورنر چيو ته ڀارت پاران ڪشميري عوام کي راءِ واري حق کان محروم رکڻ عالمي قانون جي سنگين ڀڃڪڙي آهي، والاريل ڪشمير ۾ سياسي آزادين تي سخت پابنديون لڳائي انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ڪيون پيون وڃن.  هن چيو ته جبري قانون ۽ ڊگهي قيد سبب  ڪشميري عوام خوف ۾ زندگيون گذارڻ تي مجبور آهي جڏهن ته عام شهري تشدد ۽ بي گهر ٿيڻ وارن تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن.  فيصل ڪريم ڪنڊي  پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ کي خطي جي امن لاءِ خطرناڪ قرار ڏيندي چيو ته سنڌ طاس معاهدي جي هڪ طرفي معطلي عالمي ذميوارين جي کليل ڀڃڪڙي آهي. هن جو چوڻ هو ته ڪشمير مان نڪرندڙ درياهه تي ڪنٽرول خطي جي استحڪام لاءِ سنگين چئلينج بڻجندو پيو وڃي. هن واضح ڪيو ته ڪشمير مسئلو طاقت جي استعمال سان نه پر ڳالهين ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ئي حل ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي ۽ ۽ پائيدار حل تي آهي. هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته هو رڳو ڳڻتي جو اظهار تائين محدود نه رهي پر ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ عملي ۽ اثرائتو ڪردار ادا ڪري.

مزید خبریں