سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 9 هزار 200 رپين جو اضافو رڪارڊ، في تولو سون 4 لک 64 هزار 762 روپين جو ٿي ويو

اسلام آباد-05 جنوري (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 9 هزار 200 رپين جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي، جنهن بعد في تولو سون 4 لک 64 هزار 762 روپين جو ٿي ويو آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب گذريل ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 9 هزار 200 رپين جي اضافي کان پوءِ في تولو سون 4 لک 64 هزار 762 رپيا ٿي …

اسلام آباد-05 جنوري (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 9 هزار 200 رپين جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي، جنهن بعد في تولو سون 4 لک 64 هزار 762 روپين جو ٿي ويو آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب گذريل ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 9 هزار 200 رپين جي اضافي کان پوءِ في تولو سون 4 لک 64 هزار 762 رپيا ٿي ويو. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 7888 رپين جي اضافي کان پوءِ 3 لک 90 هزار 570 رپين مان  وڌي  3 لک 98 هزار 458 رپيا ٿي وئي. جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 58 هزار 35 رپين کان وڌي  3 لک 65 هزار 266 رپيا ٿي وئي آهي.

مزید خبریں