مخالف ڌر اڃا تائين ڳالهين لاءِ رابطو ناهي ڪيو: سردار اياز صادق

اسلام آباد-05 ڊسمبر(اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار سردار اياز صادق چيو آهي ته مخالف ڌر اڃا تائين ڳالهين لاءِ رابطو ناهي ڪيو، ڳالهين لاءِ سندس ڪردار رڳو سهولتڪار جو آهي،قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر جي مقرري جو عمل ايندڙ پارلياماني اجلاس ۾ شروع ڪيو ويندو. پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزير اعظم محمد شهباز شريف جي هدايتن تي بنگلاديش جي اڳوڻي وزير اعظم …

اسلام آباد-05 ڊسمبر(اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار سردار اياز صادق چيو آهي ته مخالف ڌر اڃا تائين ڳالهين لاءِ رابطو ناهي ڪيو، ڳالهين لاءِ سندس ڪردار رڳو سهولتڪار جو آهي،قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر جي مقرري جو عمل ايندڙ پارلياماني اجلاس ۾ شروع ڪيو ويندو. پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزير اعظم محمد شهباز شريف جي هدايتن تي بنگلاديش جي اڳوڻي وزير اعظم خالده ضيا جي جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ مان بنگلاديش جو دورو ڪيو، جتي مون جنازي نماز ۾ بنگلاديش جي عوام سان گڏ شرڪت ڪئي. بنگلاديش جي عوام طرفان پاڪستاني وفد جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو ويو. ان موقعي تي ڀارتي پرڏيهي وزير جي شنڪر پاڻ اچي مون سان مليو.ڍاڪا ۾ بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي سربراهه محمد يونس سان ملقات انتهائي خوشگوار ماحول ۾ ٿي جنهن ۾ پارلياماني ۽ عوامي سطح تي رابطن کي هٿي وٺرائڻ تي اتفاق ٿيو. اسپيڪر اياز صادق چيو ته هو ايوان ۾ پنهنجي ڪردار ۾ مڪمل طور خودمختيار آهي. ڪميٽي آئيني نظام جي گهرجن موجب مڪمل فعال آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اپوزيشن سان ڳالهين ۾ سندس ڪردار رڳو سهولتڪار جو آهي.مخالف ڌر اڃا تائين ڳالهين لاءِ رابطو ناهي ڪيو. هن چيو ته اپوزيشن ليڊڙ جي مقرري بابت چيف وهپ کي هاڻي تائين 4 خط اماڻي چڪا آهيون. چوٿين خط جي جواب ۾ اپوزيشن فيصلي  جي تصديق ٿيل ڪاپي جمع ڪرائي، ايندڙ پارلياماني اجلاس ۾ مخالف ڌر اڳواڻ جي مقرري جو آئيني عمل شروع ڪيو ويندو. هن چيو ته مخالف ڌر جي ميمبرن جي صحيحين جي جاچ ۽ تصديق کان پوءِ ڪارروائي اڳيان وڌندي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف هڪ مدبر ۽ دور انديش سياسي اڳواڻ آهي. وزيراعظم  کان سمورن آئيني ۽ قانوني معاملن ۾ رهنمائي وٺندو رهندس.

مزید خبریں