اسلام آباد-05 (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو ته 5 جنوري تي گڏيل قومن ڪشمير جي حق خوداراديت کي تسليم ڪيو پر افسوس آهي ته ڀارت جي غلط سوچ گڏيل قومن جي نگراني ۾ شفاف راءِ شماري کان ڊڄندي اٽڪل 8 ڏهاڪن کان ان ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي. اسان سفارتي ۽ اخلاقي سطح تي والاريل ڄمون ڪشمير جي عوام جي حمايت جو سلسلو جاري رکنداسين. يوم حق خوداراديت تي پنهنجي پيغام …
ڀارت 8 ڏهاڪن کان حق خود اراديت ڏيڻ ۾ رڪاوٽ آهي: وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-05 (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو ته 5 جنوري تي گڏيل قومن ڪشمير جي حق خوداراديت کي تسليم ڪيو پر افسوس آهي ته ڀارت جي غلط سوچ گڏيل قومن جي نگراني ۾ شفاف راءِ شماري کان ڊڄندي اٽڪل 8 ڏهاڪن کان ان ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي. اسان سفارتي ۽ اخلاقي سطح تي والاريل ڄمون ڪشمير جي عوام جي حمايت جو سلسلو جاري رکنداسين. يوم حق خوداراديت تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اسان سفارتي ۽ اخلاقي سطح تي والاريل ڪشمير جي عوام جي حمايت جو سلسلو جاري رکنداسين. ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جهڙن قدمن ۽ بي پناهه ظلم سان ڪشميرين تي جبر جي انتها ڪري ڇڏي آهي. والاريل ڪشمير جي ماڻهن کي سلام آهي جو اڄ به پنهنجي حق خوداراديت جي جنگ وڙهي رهيا آهن. هن چيو ته والاريل ڪشمير جي غيرتمند عوام ڀارتي رياستي دهشتگردي خلاف لوهه جي ديوار بڻيل آهي. اتي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جو نه رڪجڻ وارو سلسلو جاري آهي پر مودي سرڪار کي ذلت کانسواءِ ڪجهه به حاصل نه ٿيندو. هن چيو ته ڀارت جنگي ميدان ۾ اسان کان بد ترين شڪست کاڌي ان کي اسان سان وڙهڻ جي طاقت ناهي ان ڪري بهتر اهو آهي ته هاڻي والاريل ڄمون ڪشمير تي ظلم ۽ بربريت جي بازار گرم ڪرڻ بدران ان کي خود اراديت ڏئي.سندس چوڻ آهي ته پاڪستان ان خطي ۾ امن جي علامت آهي اسان جنگ نٿا چاهيون پر اسان ثابت ڪري ڇڏيو ته اسان پنهنجو دفاع ڪري سگهون ٿا.











